27 خميس , اپريل 2017

سنڌ اسيمبلي ۾ وزير اعظم جي استعفيٰ بابت تحريڪ پيش

Shahla Razaڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ نثار کهڙي وزير اعظم جي استعفيٰ بابت تحريڪ پيش ڪري ڇڏي جنهن جي متن ۾ چيو ويو آهي ته وزير اعظم صادق ۽ امين ناهي رهيو. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا ۽ مخالد ڌر اڳواڻ خواجا اظهار الحسن ۾ تلخ ڪالمي به ٿي، خواجا اظهار ڊپٽي اسپيڪر کي چيو آهي ته هي توهان جو گهر يا ڊرائنگ روم ناهي، توهان تميز سان ڳالهايو، توهان خاموش ٿي وڇو. خاموش رهڻ واري لفظ تي نثار کهڙو جذباتي ٿي ويو ۽ چيو ته ڊپٽي اسپيڪر جي سيت ۽ عهدي جو خيال رکو، ان دوران ايوان ۾ نو نو جا نعرا ۽ شور شروع ٿي ويو. ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا چيو ته مخالف ڌر منهنجي خلاف عدم اعتماد جو ٺهراءُ آڻي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Bilawal

بلاول ڀٽو زرداري طرفان ڪشمير جي حريت اڳواڻ آسيا اندرابي جي گرفتاري جي مذمت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري ڪشمير جي حريت اڳواڻ آسيا …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي