22 اتوار , اپریل 2018

جي آءِ ٽي کي رد ڪرڻ توهين عدالت آهي، مخالفن ملڪ کي اونداهه ڌڪيو: مريم اورنگزيب

Mariyam Orangzaibاسلام آباد(ويب ڊيسڪ)سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جي آءِ ٽي کي رد ڪرڻ توهين عدالت آهي، جيڪي ماڻهو جي آءِ ٽي کي رد ڪري رهيا آهن انهن جي پويان هڪ سوچ آهي، مخالفن پاڪستان کي اوندهه ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي،  سڄي بينچ حڪماني تي صحيح ڪري جي آءِ ٽي بڻائڻ جو حڪم ڏنو. ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته مخالفن کي چونڊ ڌارن سان ڪو به ڪم ناهي، ڌرڻا ڏيڻ وارن هڪ ڀيرو ٻيهر وزير اعظم کان استعيفيٰ گهري آهي، ادارن کي خراب ڪرڻ وارن کي ڪالهه جواب ملي ويو، عمران خان ڪوڙا الزام کڻي سپريم ڪورٽ ويو ۽ ڪالهه عدالت جو فيصلو وزير اعظم جي خط جي تائيد هو. هن وڌيڪ چيو ته راهداري منصوبو وزير اعظم جو عوام جي لاءِ تحفو آهي، سي پيڪ هڪ روٽ جي ڳالهه ناهي، 65 ملڪن کي گهرائڻ جي ڳالهه آهي، پاڪستان ۾ صنعتن جي ترقي وزير اعظم نواز شريف جي ترجيح آهي، پاڪستان جا ڪجهه عنصر دشمن  سان گڏجي ويا آهن ۽ وزير اعظم احتساب جو عمل عوام جي لاءِ مڪمل ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي : هٿياربندن جي فائرنگ، پوليس اهلڪار شهيد، ايس ايڇ او زخمي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ آئيڊيل بيڪري وٽ جوابدارن جي فائرنگ ۾ هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے