27 اڱارو , جون 2017

سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي سان سهڪار لاءِ وزير اعظم ۽ سندس پٽن کي نوٽيس موڪلي ڇڏيا

Hassan Hussain Nawazاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي سان سهڪار جي ڪرڻ جي لاءِ وزير اعظم، حسن ۽ حسين نواز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. سپريم ڪورٽ پاناما فيصلي ۾ وڌيڪ جاچ جي لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ ۽ ان ۾ وزير اعظم سندس پٽن کي بينچ سان سهڪار جو چيو آهي. نوٽيس وزير اعظم جي سيڪريٽري ۽ ايڊووڪيٽ آن رڪارڊ ذريعي موڪليا ويا آهن. نوٽيس ۾ وزير اعظم کي جي آءِ ٽي جي سامهون پيش ٿيڻ جو اشارو ناهي ڏنو پر جيڪڏهن جي آءِ ٽي وزير اعظم کي جاچ جي لاءِ طلب ڪري ٿي ته پوءِ ان سان سهڪار جو چيو ويو آهي ۽ جيڪڏهن وزير اعظم کي گهرائڻ جي ضرورت پيش ٿي ته پهرين سپريم ڪورٽ مان آرڊر ورتو ويندو پوءِ ان کي گهرايو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان سڀ متحد، مسلمان ۽ پاڪستاني آهيون: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ): آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته اسان سڀ متحد، …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي