20 ہفتہ , جنوری 2018

ايندڙ اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي ۽ ايندڙوزير اعظم پ پ جو هوندو: بلاول ڀٽو زرداري

Bilawall Bhuttoسانگهڙ(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران سانگهڙ ۾ اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيل پ پ اميدوار کي مبارڪ باد ڏيندي اليڪشن دوران قتل ڪيل ڪارڪن جي جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سانگهڙ جي پي ايس 81 تي ننڍي چونڊ ۾ ڪامياب ٿيل پيپلز پارٽي اميدوار ڄام مدد علي کي مبارڪ باد ڏيندي چيو آهي ته ننڍي چونڊ ۾ پ پ اميدوار  جي ڪاميابي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته عوام پ پ سان گڏ آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي ۽ ايندڙوزير اعظم پ پ جو هوندو. هن چيو ته پي ايس 81 تي ننڍي چونڊ ۾ قتل ٿي ويل نوجوان ڪارڪن جي قتل جي  مذمت  ڪيون ٿا ۽ سندس جي وارثن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. بلاول چيو ته ڪارڪن پارٽي جو اثاثو آهن پارٽي ڪارڪن جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ ۾ رڳو آئين ۽ قانوني جي حڪمراني رهندي، جمهوريت کي ختم ٿيڻ نه ڏينداسين: چيف جسٽس

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته عدليه آزاد آهي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے