23 اربع , مئي 2018

ٽوپي واري مولوي پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ پيپلز پارٽي ۾ نڪاح پڙهايو آهي: عابد شير علي

Abid Sher Aliاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته ٽوپي واري مولوي پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ پيپلز پارٽي ۾ نڪاح پڙهايو آهي. عابد شير علي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ هتي نوان نوان نڪاح ڏسي رهيو آهيان ۽ ٽوپي واري مولوي سراج الحق پي ٽي آءِ ۽ پيپلز پارٽي ۾ نڪاح پڙهايو آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ مريم نواز شريف جو دامن صاف رهيو آهي ۽ جيڪو گند اڇلڻ جي ڪوشش ڪندو ان جو صفايو ڪيو ويندو. نواز شريف 2018ع کان پوءِ به وزير اعظم ئي رهندو. هن وڌيڪ چيو ته پ پ جي آءِ ٽي کي رد ڪري رهي آهي، توهان چئو ٿا ته جي ٽي آءِ ۾ ايان علي ۽ ڊاڪٽر عاصم کي شامل ڪيو ۽ آصف زرادري کي ان جو سربراهه بڻايون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سبيڪا جي موت افسوس جوڳو آهي، جنرل جوزف جو تعزيت جو اظهار

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي سربراهه جنرل جوزف پاڪستاني شاگردياڻي سبيڪا شيخ جي لاڏاڻي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے