21 سومر , آگسٽ 2017

اخلاق جي تقاضا آهي ته نواز شريف ڪرسي ڇڏي جيئن آزاداڻي جاچ ٿئي: سراج الحق

siraj ul haqاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته اخلاق جي تقاضا آهي ته نواز شريف ڪرسي ڇڏي، آزاداڻي تحقيق جي لاءِ ضروري آهي ته وزير اعظم استعيفيٰ ڏئي. سراج الحق ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جي آءِ ٽي بڻائڻ وڏي ڳالهه آهي، ڪالهه عدالت وزير اعظم کي ڪليئر ناهي ڪيو، پاناما اسڪينڊل جو فيصلو انصاف سان گڏ ٿيڻ گهرجي، رائٽ ۽ ليفٽ بدران رائٽ ۽ رانگ جي سياست ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڪالهوڪو ڏينهن تاريخي ڏينهن ه، سپريم ڪورٽ حڪومت خلاف فيصلو ڏنو ته ان خلاف ثبوت يقين جوڳا ناهن، اهو فيصو ڪاميابي ڏانهن پيش قدمي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي ترقي جي لاءِ ڪرپشن خلاف جدوجهد جاري رکڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ کي پيش ايندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون: جنرل زبير محمود حيات

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين جنرل زبير محمود حيات چيو …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي