24 آچر , سيپٽمبر 2017

سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جو اجلاس، وزير اعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو

Seanet Ijlasاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران حڪومت خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو ۽ وزير اعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو ويو. هنگامي کان پوءِ اجلاس اڻ ڄاتل مدي تئاين ملتوي ڪيو ويو. سينيٽ ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي اعتزاز احسن چيو ته 3 ججن لکيو آهي ته وزير اعظم ثبوت پيش ناهن ڪيا، قطري خطن کان سواءِ ڪو به ثبوت پيش ناهي ڪيو، خط رد ڪيا ويا آهن وزير اعظم پاڻ کي نااهل تسليم نٿو ڪري ته مخالف ڌر استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ٿي. هن چيو ته وزير اعظم تي داڳ لڳي چڪو آهي. وزير اعظم استعيفيٰ تي سموريون مخالف ڌريون متفق آهن، اسان روڊن ۽ چوڪن تي گڏ وڙهنداسين. ملڪ ۾ اهري صورتحال آهي جيڪو ايوان جي قائد بابت آهي. اجلاس ۾ مخالف ڌر جي شور ۽ هنگامي کان پوءِ اجلاس کي اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ميان صاحب واپس اچي رهيو آهي، گهڻن ماڻهن جي اميدن تي پاڻي ڦيريندو: اياز صادق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): قومي اسيمبلي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته منهنجي زبان …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي