22 جمعو , سيپٽمبر 2017

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ رينجرز غلام قادر مري ۽ ٻين جي گمشدگي بابت جواب داخل ڪرائي ڇڏيو

Sindh High Couirtڪراچي(ويب ڊسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ رينجرز غلام قادر مري ۽ ٻين جي گمشدگي بابت جواب داخل ڪرائي ڇڏيو، رينجرز جواب ۾ موقف اختيار ڪيو ته غلام قادر مري ۽ سندس ساٿي رينجرز جي ڪنهن به ونگ وٽ ناهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ غلام قادر مري ۽ سندس ساٿين جي گمشدگي بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي، جسٽس شفيع محمد صديقي رمارڪس ۾ چيو ته بيمار شخص جو معاملو آهي، پوليس جاچ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي آهي. رينجرز جي وڪيل دليلن ۾ چيو ته پوليس غلام قادر مري جي گمشدگي معاملي تي پوليس سستي ڏيکاري رهي آهي. رينجرز جي وڪيل دليلن ۾ چيو ته غلام قادر مري پيپلزپارٽي جي خاص شخص جو دوست آهي.  جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته مون کي گذريل ڏينهن چارج ملي آهي، ڪيس جو جائزو وٺي عدالت کي آگاهه ڪندس. جاچ آفيسر عدالت کي آگاهه ڪندي چيو ته غلام قادر مري ڪيس ۾ 2 جاچ آفيسر تبديل ٿي چڪا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان عوامي تحريڪ شهباز شريف کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

لاهور( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان عوامي تحريڪ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کان استعيفيٰ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي