30 اڱارو , مئي 2017

لکي غلام شاهه ويجهو ڪارنهن جي تڪرار تان فائرنگ، نوجوان قتل

Shikarpurلکي غلام شاهه(ويب ڊيسڪ) لکي غلام شاهه ويجهو ڪارنهن جي  تڪرار تان فائرنگ جي نتيجي ۾ نوجوان قتل ٿي ويو، واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي. ڳوٺ شڪل جاگيراڻي ۾جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ڪارنهن جي هلندڙ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾گوليون لڳڻ سبب عباس جاگيراڻي مارجي ويو. واقعي بعد جوابدار فائرنگ ڪندي موقعي تان فرار ٿي ويا. اطلاع تي حد جي رستم ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو. نوجوان جي قتل کانپوءِ ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Hyderabad Ma

حيدرآباد ۾ پوليس مقابلي دوران 2 ڏوهاري مارڻ جي دعويٰ

حيدرآباد(ويب ڊيسڪ) حيدرآباد پوليس مقابلي دوران ٻن ڏوهارين کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. هٽڙي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي