20 آچر , آگسٽ 2017

مخالف پارٽين جو پارليامينٽ ۾ ڀرپور احتجاج، حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو فيصلو

Ijlasاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاناما ڪيس جي فيصلي کان پوءِ مخالف ڌر پارٽين جي پارليامياني اڳواڻن گڏيل اجلاس ۾ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ وزير اعظم کان مستعفيٰ ٿيڻ جو مطالبو ڪيو ويندو ۽ اتفاق ڪيو ويو آهي ته حڪومت کي ايوانن ۾ ٽف ٽائيم ڏنو ويندو. مخالف ڌر جي گڏيل اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ايوان ۾ وزير اعظم استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو ويندو ۽ ٻنهي ايوانن ۾ ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو. مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته اڄ جو اجلاس رڳو هڪ ڪلاڪ جي لاءِ هلندو، وزير اعظم عهدي تي رهڻ جو اخلاقي جواز وڃائي چڪو آهي، احتجاج دوران حڪومتي ميمبر رنڊڪ وجهڻ جي ڪوشش ڪندا، سمورين پارٽي جو موقف واضع آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هر چوٿون پاڪستاني شگر جي مرض ۾ مبتلا هجڻ جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هڪ تازي سروي ۾ خبر پئي آهي ته پاڪستان جي 20 ڪروڙ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي