23 ڇنڇر , سيپٽمبر 2017

شيخ رشيد جي آءِ ٽي کي جاتي امرا انويسٽي گيشن اٿارٽي قرار ڏئي ڇڏيو

Shaikh Rasheedاسلام آباد:عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جي آءِ ٽي کي جاتي امرا انويسٽي گيشن اٿارٽي قرار  ڏئي ڇڏيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو آهي ته جي آءِ ٽي جاتي امرا انويسٽي گيشن اٿارٽي آهي ان ڪري ان مان ڪنهن انصاف جي اميد ناهي اها وزير اعظم جي ماتحت ڪم ڪندي. شيخ رشيد چيو ته ججن قطري خط کي ڪچري جي دٻي ۾ اڇلي ڇڏيو، 2 سينيئر ججن چيو آهي ته نواز شريف صادق ۽ امين ناهي رهيو. هن وڌيڪ چيو ته وزير اعظم جو هاڻ اهو مقام ناهي رهيو جيڪو حڪمران جو هوندو آهي ان ڪري هن کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف کي سياست مان بي دخل ڪرڻ جي سازش ٻيهر ناڪام ٿي وئي: سعد رفيق

لاهور (ويب ڊيسڪ): وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته نواز شريف کي سياست …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي