16 اربع , آگسٽ 2017

وزيراعظم في الحال بچي ويو، نواز شريف کان جاچ، جي آءِ ٽي جو حڪم

Untitled-5 copyاسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ پاناما ليڪس ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، وزيراعظم جو اقتدار بچي ويو، عدالت وزيراعظم ۽ سندس پٽن جي ملڪيتن، دبئي، سعودي عرب، برطانيا ۾ پئسا اماڻڻ ۽ آف شور ڪمپنين مان فائدو کڻندڙن جي جاچ ڪرڻ لاءِ جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم جي آءِ ٽي جوڙي 60 ڏينهن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ٽيم ۾ آءِ ايس آءِ، ايم آءِ سميت ٻين ادارن جا عملدار شامل هوندا، وزيراعظم ۽ سندس پٽن کي جي آءِ ٽي سان مڪمل سهڪار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. جنهن جي نگراني سپريم ڪورٽ پاڻ ڪندي. مليل اطلاعن موجب سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس آصف کوسي جي سربراهي ۾ پنج رڪني بينچ خميس ڏينهن پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان، جماعت اسلامي جي امير سراج الحق، عوامي مسلم ليگ جي چيئرمين شيخ رشيد احمد ۽ طارق اسد ايڊووڪيٽ جي درخواستن تي 23 فيبروري تي محفوظ ڪيل فيصلو پڙهي ٻڌايو. درخواستن ۾ وزيراعظم سميت ڇهن ڄڻن جي نااهلي جو مطالبو ڪيو ويو هو. فيصلو 549صفحن تي ٻڌل آهي ۽ اهو اڪثريتي فيصلو ڏنو. جنهن ۾ بينچ سربراهه جسٽس آصف ۽ جسٽس گلزار احمد اختلافي نوٽ لکيو. جسٽس اعجاز افضل، جسٽس شيخ عظمت سعيد ۽ جسٽس اعجاز الاحسن وزيراعظم جي خاندان جي لنڊن ۾ ملڪيت، دبئي ۾ گلف اسٽيل مل ۽ سعودي عرب ۽ قطر اماڻيل سرمائي بابت جاچ جو حڪم ڏنو. جڏهن ته ٻن ججن ان باري ۾ پيش ڪيل سمورا ثبوت رد ڪري ڇڏيا. فيصلو جسٽس اعجاز افضل لکيو ۽ جسٽس کوسي پڙهي ٻڌايو ۽ چيو ته هن معاملي جي مڪمل جاچ جي ضرورت آهي. 7 ڏينهن ۾ جي آءِ ٽي جوڙي وڃي جيڪا 60 ڏينهن اندر جاچ مڪمل ڪرڻ جي پابند هوندي ۽ هر ٻن هفتن کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ کي اڳڀرائي کان آگاهه ڪندي جي آءِ ٽي ۾ ايف آءِ اي، سڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان ايس اي سي پي، اسٽيٽ بئنڪ، آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ جو نمائندو شامل هوندو. عدالت انهن ادارن جي سربراهن کي نمائندا مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. جڏهن ته وزيراعظم نواز شريف، سندس پٽن حسن ۽  حسين نواز کي به جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. عدالت چيو ته وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس پٽ جاچ عمل جو حصو بڻجڻ ۽ جڏهن  ضرورت پوي ته ٽيم سامهون پيش ٿين. عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته جي آءِ ٽي پنهنجي جاچ مڪمل ڪرڻ کانپوءِ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪندي، جنهن کانپوءِ چيف جسٽس ان رپورٽ جي روشني ۾ ڌار بينچ جوڙيندو. جيڪا وزيراعظم خلاف ثبوت هجڻ جي صورت ۾ سندس نااهلي جي معاملي جو به جائزو وٺي سگهندي. جسٽس کوسي چيو نيب چيئرمين پنهنجو ڪم ڪرڻ ۾ ناڪام ويو. جنهن جي جاچ ٿيڻ گهرجي. فيصلي موجب سڀني درخواستن ۾ وزيراعظم نواز شريف کي ڌر بڻايو ويو ۽ مک معاملو لنڊن جي چئن فليٽن جي خريداري جو هو جيڪي نيسڪول ۽ نيلسن جي نالي ۾ خريد ڪيا ويا. پنهنجي خطابن ۾ نواز شريف فليٽن جي ملڪيت مڃي. نواز شريف ڪنهن به استثنيٰ کي حاصل ڪرڻ کان انڪار ڪيو. سندس خطاب معاملا نبيرڻ ۾ ناڪام ويا. گلف اسٽيل جي وڪري بابت ڪا به وضاحت بار بار پڇڻ باوجود پيش نه ڪئي وئي ۽ سوالن جا جواب نه ڏنا ويا. سودي جا تفصيل طارق شفيع به ظاهر نه ڪيا. ٻئي حلف نامي ۾ هن عبدالله قيد کان روڪ رقم ملڻ ۽ ريئل اسٽيٽ ڪاروبار ۾ لڳائڻ جو بيان ڏنو. اها سيڙپ شيخ جاثم بن جابر سان محمد شريف جي پاران ڪئي وئي. جيڪي ٻئي گذاري ويا آهن پر هن ان 32 ملين درهم جا ثبوت ڏيڻ کان انڪار ڪيو. گلف اسٽيل ۽ ٻي سيڙپ بئنڪن وسيلي ۽ قطر ۾ 12 ملين درهم جي سيڙپ روڪ ڪرڻ واري بيان تي شڪ آهي، اهو مڃڻ ڏکيو آهي ته ميان شريف جهڙو ذهين ماڻهو دستاويزن کانسواءِ سيڙپ جي هدايت ڪندو. شريف ۽ الثاني خاندان جي ڪاروبار جا شرطن ۽ ضابطن بابت وڪيل مطمئن نه ڪري سگهيا. اهڙي ڪنهن ڀائيواري جو ڪو به ثبوت نه ڏنو ويو. پيش ڪيل خط به اعتبار جوڳا نه  آهن. نواز شريف جي پٽن پاڻ مڃيو ته 1999ع ۾ وٽن ڪجهه به نه هو پر اوچتو وٽن ايترو پئسو آيو جو هو ڪمپني ٺاهي ويا. ان تي به سوال پيدا ٿين ٿا. سوال اهو به آهي ته حسن ۽ حسين نواز ٻار هوندي به 4 فليٽ ۽ آخر ۾ حسن نواز اڪيلي 6 فليٽ ڇو پاڻ وٽ رکيا. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته الثاني خاندان کان التوفيق ڪمپني ۾ 80 لک ڊالر ڏيڻ جا به ڪي دستاويز، ڪاغذي ثبوت ۽ پئسن جي منتقلي يا رڪارڊ فراهم نه ڪيو ويو. ميفيئر ملڪيتن لاءِ پئسا قانوني طور منتقل ٿيڻ جو به ڪو ثبوت نه آهي. واعدن باوجود ثبوت نه ڏنا ويا. ان سڄي رڪارڊ مان اهو سوال اٿي ٿو ته ڇا نواز شريف کي نااهل قرار ڏئي سگهجي ٿو؟ آئين ۾ اهڙي ڪا به ڳالهه نه آهي. حسن نواز والد کي 5 سالن ۾ 84 ڪروڙ رپين جا تحفا سعودي عرب جي منافعو ڪمائيندڙ ڪمپني مان اماڻيا. ڪيترن ئي سو الن جا جواب ناهن ڏنا ويا. اهو به امڪان آهي ته نواز شريف اثاثا  حسن نواز جي نالي ۾ رکيا هجن پر هن اثاثن ۾ ان جو ذڪر ناهي ڪيو جنهن سان هن کي آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت نااهل قرار ڏئي سگهجي ٿو. حسين نواز جا اثاثا سندس آمدني کان وڌيڪ آهن. نيب چيئرمين به پنهنجي حديبيه  ڪيس جي فيصلي خلاف اپيل نه ڪرڻ واري فيصلي تي قائم رهيو ۽ نوان ثبوت به نه مڃيا. عدالت فيصلي ۾ چيو ته عدالت جي اختيار جا نوان ميدان کلي رهيا آهن. مني لانڊرنگ، ڪرپشن، آمدني کان وڌيڪ اثاثن جا سنگين الزام آهن. شريف خاندان ثابت نه ڪري سگهيو ته مي فيئر جا فليٽ نواز شريف جا آهن، حسن نواز جا حسين نواز جا، فريادين اها نواز شريف جي ملڪيت ڄاڻائي آهي، ان لاءِ اسان لاءِ نواز شريف کي ان ملڪيت جو مالڪ مڃڻ  ۽ نه مڃڻ ٻئي ڏکيو آهي. ان لاءِ حڪمران خاندان کي فليٽن جي ملڪيت، آمدني جا وسيلا ۽ مني ٽريل ثابت ڪرڻو آهي. حسين نواز کي سعودي ۾ هل ميٽلز جي ملڪيت ۽ ان جو مني ٽريل ثابت ڪرڻو آهي. دبئي جي ڪيپيٽل ايف زيڊ اي جا فنڊ حسن نواز جا ڏنل لڳن ٿا، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نواز شريف کي ايمانداري، شفافيت، صاف ساک، مالي شفافيت رکڻ کپي ها، جيڪا سندس عهدي جي گهرج آهي. مٿس مني لانڊرنگ ٽيڪس چوري، ناجائز اثاثن جا الزام لڳا پر هن اڌورا جواب ڏنا. جن مان نه لڳو ته ڪو هي پنهنجو احتساب ڪرائڻ لاءِ تيار آهي. پر هنن فراريت اختيار ڪئي. سندس وضاحت مان مطمئن ناهيون، ان جي عام حالتن ۾ جاچ نيب کي ڪرڻ کپي ها پر نيب چيئرمين به ڌر بڻيل آهي، ٻيو ته  شايد نيب وٽ اهڙي جاچ جي اهليت ئي نه هجي. جي آءِ ٽي معاملي جي جاچ ڪري، دبئي، برطانيا، سعودي عرب، مي فيئر فليٽن جو معاملو به ڏسي وزيراعظم نواز شريف کان نه سڌي يا اڻ سڌي طرح جاچ ڪري. اها ايف آءِ اي ۽ نيب جي رڪارڊ جو جائزو وٺـي. ان جي رپورٽ جي بنياد تي نواز شريف جي نااهلي بابت فيصلو ڪيو ويندو. ثبوت هجن ته نواز شريف ۽ ٻين ماڻهن خلاف احتساب عدالت جو حڪم به ڏئي سگهجي ٿو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جاچ  پئسا قطر ڪيئن منتقل ٿيا، حسين ۽ حسن نواز لنڊن ۾ فليٽ ڪيئن خريد ڪيا، اثاثا جدي کان ڪيئن منتقل ٿيا، ڇا حماد بن جاسم جو خط حقيقت تي ٻڌل آهي، نيب چيئرمين پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ويو. جنهن تي جي آءِ ٽي ٺاهي وڃي. گلف اسٽيل ڪيئن ٺهي ۽ ڇو وڪرو ٿي، ان جي قرضن جو ڇا ٿيو، ڪٿي وڪرو عمل ۾ آيو، رقم جدي، قطر ۽ برطانيا ڪيئن وئي، ڇا حسين ۽ حسن نواز 90 واري ڏهاڪن ۾ فليٽ خريد ڪيا. فليٽن جا سرٽيفڪيٽ ڪيئن مليا، اصل مالڪ ڪير آهي. نيلسن ۽ نيسڪول بعد سعودي ۾ هل ميٽل ڪيئن قائم ٿي. حسن نواز جي فليگ شپ ڪمپني ۽ ٻين ادارن لاءِ پئسا ڪٿان آيا، حسين نواز نواز شريف کي ڪٿان ڪروڙين رپين جا تحفا ڏنا.  ان جي مڪمل جاچ ٿيڻ کپي.3311

هي به ڏسي سگهو ٿا

آصف زرداري وطن واپس پهچي ويو، لاهور ۾ ديرو ڄمائي ورتو

اسلام آباد (آن لائن) ملڪ جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وطن واپس اچڻ جو …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي