28 جمعو , اپريل 2017
نڪور خبرون

مخالف ڌر متحرڪ: وزير اعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو

Khurshed Shah & Sirajاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاناما ڪيس جو فيصلو اچڻ کان پوءِ مخالف ڌر متحرڪ ٿي وئي آهي ۽ وزير اعظم کان استعيفيٰ وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. پارليامينٽ ۾ مخالف ڌر جي پارلياماني پارٽين جو اجلاس خورشيد شاهه ۽ اعتزاز احسن جي سربراهي ۾ ٿيو، سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ وزير اعظم کان مستعفيٰ ٿيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته مخالف ڌر سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڀرپور احتجاج جو فيصلو ڪيو آهي.  خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته سمورين پارٽين جو موقف ڏاڍو واضع آهي، حڪومت کي مخالف ڌر طرفان  گڏيل پيغام وڃڻ گهرجي، اسان کي احتجاج ڪرڻ گهرجي.  نواز شريف استعيفيٰ ڏئي پارليامينٽ کي بچائي. ان موقعي تي سراج الحق چيو ته نواز شريف  اخلاقي طور تي وزير اعظم کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، جماعت اسلامي پنهنجي وڪيل سان مشورو ڪري رهي آهي، ڪالهوڪو ڏينهن پاڪستان جي تاريخ جو اهم ترين ڏينهن هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Shehbaz sharif

”هڪ چالاڪ، ٻيو ڪوڙو“ شهباز شريف جي آصف زرداري ۽ عمران خان تي ڇتي تنقيد

لاهور (ويب ڊيسڪ): پنجاب جي وڏي وزير ايوان اقبال ۾ ليپ ٽاپ جي ورهاست واري …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي