28 اربع , جون 2017

نواز شريف بدديانت ۽ ڪوڙو آهي، وزارت عظميٰ لاءِ اهل ناهي :ٻن ججن جو اختلافي نوٽ

Panamaاسلام آباد (م ڊ) پاناما ڪيس جي اڪثريتي فيصلي سان اختلاف ڪندڙ ٻن ججن وزيراعظم ميان نواز شريف کي بدديانتي ۽ خيانت ڪندڙ قرار ڏيندي کيس وزيراعظم جي عهدي لاءِ نااهل قرار ڏنو آهي. جسٽس آصف سعيد کوسي ۽ جسٽس گلزار احمد اختلافي نوٽ ۾ لکيو آهي ته ميان نواز شريف پنهنجي مالي معاملن۽ لنڊن جي جائيداد جي باري ۾ هن عدالت سامهون غلط بياني ڪئي ان لاءِ هو صادق ۽ امين ناهي رهيو. ٻنهي ججن ان بنياد تي نواز شريف کي وزيراعظم جي حيثيت ۾ ڪم کان روڪڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي. جسٽس آصف سعيد کوسي چيو ته نواز شريف پنهنجي ملڪيتن ۽ لنڊن جي ملڪيتن جي وضاحت ڪندي هن قوم، پارليامينٽ ۽ عدالت سامهون ديانتدار ناهي رهيو. هن لکيو ته ان بدديانتي جي ڪري وزيراعظم نواز شريف آئين جي شق 62 ۽ عوامي نمائندگي واري قانون 1976ع تحت مجلس شوريٰ پارليامينٽ جو ميمبر رهڻ جو اهل ناهي رهيو. هن اليڪشن ڪميشن کي هدايت ڪئي ته ميان نواز شريف جي ايم اين اي جي حيثيت ۾ نااهل قرار ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري جنهن جي نتيجي ۾ هو وزارت عظميٰ لاءِ نااهل ٿي وڃي. هن صدر کي حڪم ڪيو ته ملڪ ۾ جمهوريت ۽ پارلياماني نظام جو تسلسل برقرار رکڻ لاءِ ضروي قدم کڻي. هن نئب کي به حڪم جاري ڪيو ته هو ميان نواز شريف خلاف بدعنواني وارن قانونن تحت ڪارروائي ڪري. ايف آءِ اي اڳوڻي ڊي جي رحمان ملڪ جي 1994ع ۾ داخل ڪيل ڪيسن جي جاچ، ثبوت ۽ تفصيل به ضرورت پوڻ تي نئب کي فراهم ڪري. نئب نواز شريف جي ٻارن جي نالي سمورين ملڪيتن ۽ ڪاروبار جو به جائزو وٺي ته جيئن خبر پوي ته ڪٿي اهي ٻار پنهنجي والد لاءِ ئي ته اهي ملڪيتون ۽ ڪاروبار نه پيا سنڀالين. هن چيو ته وزيراعظم نواز شريف جي معاملي ۾ نئب چيئرمين قمرزمان چوڌري جو ڪردار شڪي آهي، ان لاءِ هو ان بابت ڪنهن به جاچ ۾ ڪو اختيار استعمال نه ٿو ڪري سگهي. هن نئب کي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ مان آزاد ٿيڻ واري فيصلي کي ختم ڪندي مني لانڊرنگ معاملي ۾ ڪارروائي جو به حڪم ڏنو. جڏهن ته جسٽس گلزار احمد پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ لکيو ته عوامي عهديدار جي حيثيت ۾ اها ميان نواز شريف جي ذميواري هئي ته هو لنڊن فليٽن بابت صحيح حقيقتون قوم ۽ عدالت کي ٻڌائي پر هو ايئن ڪم ۾ مڪمل طور ناڪام ويو. ان لاءِ هو آئين جي شق 62 تحت صادق ۽ امين نه رهيو آهي. اِن صورتحال ۾ عدالت رڳو تماشائي جو ڪردار ادا نه ٿي ڪري سگهي. پر ان کي فني نڪتن کان مٿاهون ٿي انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ هاڪاري فيصلو ڏيڻو پوندو. ان لاءِ اهو اعلان ڪيو وڃي ٿو ته ميان محمد نواز شريف صادق ۽ امين ناهي ۽ ان ڪري ئي هو ايم اين اي ۽ عوامي عهدي لاءِ نااهل ٿي چڪو آهي ۽ وزيراعظم طور ڪم جاري نه ٿو رکي سگهي.113041

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف جي هدايت تي آرمي هيلي ڪاپٽر ۽ سي 130 جهاز فراهم

راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف احمد پور شرقيه ۾ ٿيندڙ سانحي تي افسوس جو اظهارڪندي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي