23 اربع , آگسٽ 2017

مخالف ڌر وزيراعظم جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ٽن جونيئر ججن جي مذمت ڪيان ٿو :آصف زرداري

Untitled-4 copyاسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ پاناما دستاويزن بابت فيصلي بعد نواز شريف کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اخلاقي طور هو وزيراعظم جي عهدي تي رهڻ جي قابل ناهي رهيو. تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جاچ مڪمل ٿيڻ تائين نواز شريف کان استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته سپريم ڪورٽ تاريخي فيصلو ڏنو. اهڙو فيصلو ڪنهن وزيراعظم جي خلاف ناهي آيو، جڏهن ته ٻن ججن چيو ته نواز شريف ڪوڙ ڳالهايو آهي. هن چيو ته نواز شريف وٽ وزارت عظميٰ تي رهڻ جو ڪو به جواز ناهي رهيو. عمران خان چيو ته گڏيل جاچ ٽيم جي جاچ مڪمل ٿيڻ تائين نواز شريف پنهنجو عهدو ڇڏي ڏئي، جيڪڏهن 60 ڏينهن ۾ آجو ٿيو ته ٻيهر پنهنجي عهدي تي اچي. عمران خان چيو ته نواز شريف به گيلاني کي ساڳيو مشورو ڏنو هو. عمران خان چيو ته وزيراعظم کان جي آءِ ٽي جي جاچ اهڙي آهي، جيئن عزير بلوچ کان جاچ ڪئي هئي. عمران خان چيو ته ٻن ججن نواز شريف کي نااهل قرار ڏنو. ٽن ججن جاچ ڪرڻ جو چيو پوءِ مٺايون ڇو پيون ورهايون وڃن. پيپلز پارٽي جي اعتزاز احسن چيو ته ٻن ججن جي راءِ کي عدالتي راءِ سمجهيو وڃي. باقي ٽن ججن مايوس ڪيو. هوڏانهن پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاناما ڪيس جو فيصلو سامهون اچڻ بعد نواز شريف استعيفيٰ ڏئي. هن سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي تنقيد ڪندي چيو ته عوام سان دوکو ڪيو ويو. ملڪ ۾ اڄ جمهوريت کي نقصان پهتو، اڳوڻي صدر چيو ته 9 مهينن تائين قوم سان مذاق ٿيندو رهيو. ان جي هو مذمت ڪري ٿو. آصف زرداري وڌيڪ چيو ته ٻن سينيئر ججن کي سلام پيش ڪري ٿو، جن فيصلو ڪيو ته وزيراعظم نااهل بڻجي چڪو آهي. سينيئر ججن جو فيصلو جونيئر ججن تي غالب هجي ٿو. آصف زرداري چيو ته اخلاقي بنيادن تي نواز شريف کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. پر هو عهدو نه ڇڏيندو ۽ اسان جي جدوجهد جاري رهندي. آصف زرداري سوال ڪيو ته سپريم ڪورٽ جيڪو ڪم نه ڪري سگهي ڇا اهو وزيراعظم جي ماتحت 19هين گريڊ جو آفيسر ڪري سگهي ٿو ۽ وزيراعظم هائوس ۾ بيان ورتو ويندو يا ٿاڻي ۾؟ هن چيو ته حڪومت نااهل آهي. هن کان ملڪ نه ٿو هلي. آصف زرداري چيو ته هي ڪهڙي ڳالهه جي مٺائي ورهائي پئي وڃي ته ڇا ٻن سينيئر ججن نااهل ۽ صادق ۽ امين چيو. هن چيو ته قوم سوال ڪري ته هي ڇا ٿيو، پ پ سان ججن انصاف ناهي ڪيو. آصف زرداري عمران خان کي پيغام ڏيندي چيو ته هو اسان سان ويهي، قانونسازي ڪري تنهن بعد اهو قانون کڻي عدالت وڃي پر هن اسان جي ڳالهه نه مڃي. هن چيو ته عمران خان اڻ تجربيڪار سياستدان آهي. هن سياست چمڪائڻ لاءِ ڊرامو ڪيو ۽ نواز شريف کي فائدو ٿيو. هن چيو ته اسان جي قانوني ٽيم جائزو وٺڻ بعد جامع تبصرو ڪيو ويندو. ايم ڪيو ايم جي فاروق ستار چيو آهي ته پاناما فيصلي کي تاريخي سمجهون ٿا، نئب، ايف آءِ اي ۽ ايف بي آر پنهنجون ذميواريون پوريون ناهن ڪيون. هن چيو ته پاناما وانگر ٻين ڪيسن جا معاملا به ڪميشن جي جي آءِ ٽي حوالي ڪري اربين رپيا ڦرلت ڪندڙن جو حساب ڪتاب ڪيو وڃي. جماعت اسلامي جي امير سراج الحق وزيراعظم نواز شريف جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ٻن ججن نواز شريف کي نااهل قرار ڏنو. ججن ٻڌايو ته وزيراعظم ڪرپشن ڪئي اهو هڪ وڏو فيصلو آهي ته جاچ ٿيندي. جي آءِ ٽي هٿياربند تنظيمن خلاف جاچ ڪندي آهي. اڄوڪي فيصلي سان ڪيس ختم نه اڳتي وڌيو آهي. وزيراعظم جي آءِ ٽي تي اثر انداز ٿي سگهي ٿو.033041

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ بابت حڪومت کان جواب طلب

لاهور (م ڊ) لاهور هائيڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي