27 ڇنڇر , مئي 2017

پنجن ئي ججن تسليم ڪيو ته نواز شريف ڏوهي آهي، فيصلي ۾ مريم نواز نظر نه آئي: تجزئي نگار

maryam orangzaibڪراچي (رپورٽر) هن  فيصلي ۾ نواز شريف بري طرح زخمي ٿيو آهي، اهو ملڪي تاريخ ۾ پهريون دفعو آهي ڪو  وزيراعظم ۽ هن جا ٻار جي آءِ ٽي ۾ پيش ٿيندا. تقريبن پنجن ئي ججن اهو تسليم ڪيو آهي ته نواز شريف ڏوهي  آهي، آصف زرداري ۽ عمران خان جي آءِ ٽي جاچ مڪمل ٿيڻ تائين وزيراعظم جي استعيفيٰ جي گهر ڪندا. ٿي سگهي ٿو عدالت به وڃن، ڊاڪٽر ايوب شيخ جو پاناما واري عدالتي فيصلي تي عوامي آواز جي پروگرام ”تکيون مٺيون ڳالهيون“ ۾ خيالن جو اظهار. هن ڊاڪٽر قاسم راڄپر سان ڳالهائيندي چيو ته فيصلو مريم نواز سان لاڳاپيل آهي، پر حيرت جي ڳالهه 540 پيجن واري فيصلي ۾ هوءَ ڪٿي به نظر نٿي اچي. هن چيو ته اهو پنهنجي نوعيت جو منفرد فيصلو آهي جو ڪيس ۾ ملوث تمام ڌريون ظاهري طور تي ته خوش آهن پر دل ۾ روئي رهيون آهن، فيصلي ۾ آرمي جو ڪردار نظر نٿو اچي. ڪو به ڪاغذ وغيره مهيا ڪرڻ ۾ به سهولتڪاري جو ڪردار ادا نه ڪيو آهي. هن چيو ته جي آءِ ٽي ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون سامهون اينديون. سيڪيورٽي ايڪسچينج ۽ اسٽيٽ بئنڪ به جواب ڏيندا. هن چيو ته فيصلي ۾ سڀ کان وڌيڪ ايف بي آر نيب ۽ ايف آءِ اي کي ننديو ويو آهي ۽ حيرت جي ڳالهه آهي ته جي آءِ ٽي ۾ به انهن جا ئي عملدار شامل هوندا جنهن ڳالهه کي عمران خان يا ڪا ٻي پارٽي عدالت ۾ اٿاري سگهي ٿي، هن چيو ته فيصلو ماڻهن جي مرضي مطابق نه آيو آهي، ڪوئي چوي ٿو لاهور ۽ لاڙڪاڻي جو فرق آهي، ڪو چوي ٿو جمهوريت کي بچايو ويو آهي. پر يوسف رضا گيلاني واري ڪيس ۾ عدالت جمهوريت کي بچايو هو، صرف هڪ شخص کي هٽايو ويو هو. اڄ آصف زرداري ۽ عمران خان هڪ جاءِ تي بيٺل آهن. ڊاڪٽر ايوب شيخ چيو ته 1979ع کانپوءِ اڄ وري عدالتن جي ڪلهي تي وڏو وزن پئجي ويو آهي. جسٽس ثاقب نثار جي اچڻ کانپو ءِ نوازشريف ڪمال هوشياري سان وڪيلن جي ٽيم بدلائي مسلم امير هاني بينچ کان انهيءَ ڪري جدا ٿيو جو هن جو پٽ مخدوم علي خان جي جونيئر طور ڪم ڪندو آهي. هن چيو ته نظر اهو ٿو اچي ننڍين قومن ۽ صوبن سان تعلق رکندڙ ججن جا فيصلا عوامي آهن، جڏهن ته پنجاب سان تعلق رکندڙ ججن جا فيصلا عوامي ڌارا کان مختلف آهن. ڊيرا غازي خان جي آصف سعيد کوسو ۽ سنڌ جي گلزار احمد نواز شريف کي نااهل ڪرڻ لاءِ چيو پر مانسهره واري اعجاز افضل نااهلي جي مخالفت ڪئي. جسٽس آصف ۽ گلزار اڳتي هلي سپريم ڪورٽ جا چيف جسٽس ٿيڻا  آهن، هر پارٽي چوي ٿي ته هي فيصلو آهي پر اصل فيصلو اڳتي هلي ٿيڻو آي.3302

هي به ڏسي سگهو ٿا

Untitled-4 copy

بجيٽ ۾ غريبن کي رليف ڏنو ويو آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته بجيٽ جي تياري ۾ غريبن تي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي