20 ہفتہ , جنوری 2018

آصف زرداري توهين عدالت ڪئي، وزيراعظم استعيفيٰ ڇو ڏئي: وفاقي وزير

Saad Rafiqاسلام آباد (م ڊ) وفاقي وزير سعد رفيق چيو آهي ته آصف زرداري توهين عدالت ڪئي آهي هو قوم ۽ عدالت کان معافي وٺي. پ پ ملڪ وڪڻي کائي وئي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته مريم نواز سرخرو ٿي وئي. سڄي فيصلي ۾ سندس ذڪر ناهي. عمران خان، شيخ رشيد ۽ ٻيا پٽيشنر ڏوهاري آهن، زرداري صاحب توهان عزير بلوچ جي سوالن جا جواب ته ڏيو. اڄ جمهوريت خلاف هڪ ٻي سازش ناڪام ٿي وئي. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فيصلي کانپوءِ نواز شريف وزيراعظم رهڻ جي اهل آهي. سپريم ڪورٽ سمورن ڪوڙن الزامن کي رد ڪيو. عمران خان سڀ ڪجهه اقتدار جي حسد ۾ ڪيو. هن چيو ته عمران خان ڪيس ۾ مريم نواز تي گند اڇلائيندو رهيو. مريم نواز عدالتي فيصلي ۾ سرخرو ٿي. نواز شريف وزيراعظم هو، آهي ۽ رهندو. جمهوريت خلاف هڪ ٻي سازش ناڪام ٿي وئي. وزيراعظم وٽ مينڊيٽ آهي هو استعيفيٰ ڇو ڏئي. دانيال عزيز چيو ته اڄوڪي فيصلي ۾ مون کي ڏيکاريو ته مريم نواز ڪٿي آهي. وزيراعظم جي ڪنهن به تقرير ۾ ڪو به تضاد نه هو، عمران خان ۽ جهانگير ترين کي اسان حساب وٺڻ لاءِ پڪڙي جڪڙي آڻينداسين. جڏهن ته فيصلي کانپوءِ ن ليگ اڳواڻن گو عمران گو جا نعرا هنيا. ان کان اڳ وفاقي وزير خواجا آصف چيو ته مخالفن جيڪي ثبوت پيش ڪيا اهي ناڪافي هئا. نواز شريف 2018ع تائين وزيراعظم آهي، وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته مخالفن عدالت ذريعي عوام جي مينڊيٽ تي راتاهو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي.023041

هي به ڏسي سگهو ٿا

عدالتي حڪم باوجود پاسما جي هوڏ، ڪمند اگهه 130 رپين کان وڌيڪ ڏيڻ کان انڪار، آبادگارن ۽ مل مالڪن ۾ ڏند چڪ

ڪراچي/حيدرآباد (رپورٽ: علي نقرچ+عتيق ملاح) پاسما هوڏ نه ڇڏي، آبادگارن کي 130 رپيا مڻ کان وڌيڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے