25 اڱارو , جولاءِ 2017

وزيراعظم الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪيو

Nawazلاهور (م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ۽ وزيراعظم جي نياڻي مريم نواز به پاناما ڪيس جي فيصلي تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي، ميان شهباز شريف وزيراعظم نواز شريف کي ڳلي لڳائي مبارڪباد ڏني. مريم نواز جو چوڻ آهي ته ڊگهي ٻڌڻيکانپوءِ سپريم ڪورٽ جو جاچ جو حڪم ڏيڻ درخواست گذارن کي شڪست آهي. درخواست گذار چئن مهينن ۾ پنهنجو ڪو به الزام ثابت نه ڪري سگهيا. سڀ تعريفون ۽ وڏائي الله تعاليٰ لاءِ آهي. وزيراعظم نواز شريف پاناما ڪيس فيصلي بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي پنهنجي رد عمل ۾ الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف، ڌيءَ مريم نواز ۽ اڳوڻي وفاقي وزير پرويز رشيد سان گڏ ٽي وي تي عدالتي فيصلو ٻڌو. عوامي مينڊيٽ تي راتاهو هڻڻ جي سازش ناڪام ٿي وئي. شهباز شريف چيو ته ترقي ۽ خوشحالي جا مخالف ٻيهر ناڪام ويا.023041

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ به پوليس نشانو، دهشتگردن جي ٽريفڪ اهلڪارن تي فائرنگ، هڪ شهيد، ٻيو زخمي

ڪراچي (رپورٽر ڪراچي جي ابوالحسن اصفحاني روڊ تي دهشتگردن جي فائرنگ ۾ هڪ ٽريفڪ پوليس …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي