27 خميس , اپريل 2017

وزيراعظم، گينگسٽر عذير ۽ قاتل صولت مرزا جي آءِ ٽي ۾ سڀ برابر!

Nawaz 1اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم نواز شريف هاڻ جي آءِ ٽي ۾ پيش ٿيندو. ملڪ جي وزيراعظم کي لياري گينگ وار جي سربراهه، سوين ماڻهن جي قاتل ۽ دهشتگردن جي صف ۾ بيهاريو يوو آهي. اهڙو اظهار نجي ٽي وي اي آر واءِ نيوز جي تجزيه نگارن پنهنجي تبصري ۾ ڪيو. صحافي عارف حميد ڀٽي ۽ ارشد شريف وچ ۾ اها ڳالهه ٻولهه ٿي. عارف حميد ڀٽي چيو ته هاڻ ملڪ جو وزيراعظم جي آءِ ٽي ۾ پيش ٿيندو. جي آءِ ٽي ۾ ته لياري گينگ وار جي عذير بلوچ، حڪيم سعيد جي قاتل صولت مرزا، بلديه سانحي جي جوابدارن، گينگسٽرن ۽ ٻين ڏوهارين کان پڇا ڳاڇا ٿيندي آهي. هن چيو ته هاڻ وزيراعظم نواز شريف، سندس پٽ حسن نواز ۽ حسين نواز به جي آءِ ٽي ۾ پيش ٿيندا. هو هاڻ گينگسٽرن برابر ٿي ويا آهن. جنهن جي صابر شاڪر، ڪاشف عباسي ۽ وسيم بادامي به حمايت ڪئي.3311

هي به ڏسي سگهو ٿا

Murad shah

ڪراچي ۾ پ پ جو” گو نواز گو“ ڌرڻو، حق ملڻ ۽ وزيراعظم جي استعيفيٰ تائين احتجاج جاري رهندو: مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر ) پيپلز پارٽي پاران وفاق جي ناانصافين خلاف ڪراچي ۾ قائد اعظم جي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي