16 اربع , آگسٽ 2017

پاناما ڪيس ڪا جنگ ناهي، رينجرز کي 147 هيٺ اختيار مليل آهن: مراد علي شاهه

Murad Ali shahڪراچي( رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ادارن ۾ آئين ۽ قانون تحت ڪم  جي اميد ظاهر ڪندي چيو آهي ته  پاناما ڪيس ڪا جنگ نه آهي،  ڪالهه ايڪسپو سينٽر ۾ ضياءِ الدين يونيورسٽي جي ڪوٺايل 14هين ڪانووڪيشن واري تقريب کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت تعليم ۽ صحت کاتن جي بهتري لاءِ جوڳا اُپاءُ وٺي پئي ۽ تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ تعليم جي شعبي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته پاناما ڪيس ڪا جنگ نه آهي مسئلن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪريون پيا. هن چيو ته اٽڪل 2000 کان وڌيڪ بند اسڪول کولرائي ڇڏيا آهن. ۽ جيڪي اسڪول بنيادي سهولتن کان محروم هئا انهن لاءِ فنڊنگ ڪري ڇڏي آهي. انهيءَ ڪم ۾ اسان ناڪام ڪونه ٿيا آهيون، وقت ضرور گهربل آهي. ۽ اسان هاڻي بهتري ڏانهن وڌي رهيا آهيون،. هن چيو ته ڪراچي يونيورسٽي کي هائير ايجوڪيشن ڪميشن مان فنڊنگ ملندي آهي. اسان جيڪو ناڻو ڏنو آهي اهو شارٽ فال ۽ جائزو وٺي پوءِ ڏنو آهي. ۽ جيڪڏهن گهرج آهر پئسا ڏيڻا پيا ته ڏينداسين. وڏي وزير رينجرز جي اختيارن واري معاملي چيو ته آرٽيڪل 147 هيٺ رينجرزجا اختيار  وٽن آهن  ۽ آئون اميد ٿو ڪريان ته سمورا ادارا آئين ۽ قانون مطابق ڪم ڪندا. ان کان اڳ وائيس چانسلر ضياءَ الدين يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر قاسم رضا پيرزادي تقريب کي خطاب ڪيو.ان موقعي تي صحت کاتي واري صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو، تعليم کاتي جي صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آصف زرداري وطن واپس پهچي ويو، لاهور ۾ ديرو ڄمائي ورتو

اسلام آباد (آن لائن) ملڪ جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وطن واپس اچڻ جو …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي