30 اڱارو , مئي 2017

پاناما فيصلي تي نواز ليگ جو جشن، ناچ، اڄ شڪراني ڏهاڙي جو اعلان

Untitled-2 copyاسلام آباد (م ڊ) پاناما ڪيس بابت  عدالتي فيصلي بعد نواز ليگي ڪارڪن خوشي ۾ رستن تي نڪري آيا. اڄ جمعي تي شڪراني جو ڏهاڙو ملهائڻ جواعلان ڪيو آهي. راولپنڊي، لاهور، ملتان، فيصل آباد، سيالڪوٽ، سرگوڌا، گجرانوالا ۾ ليگي ڪارڪن رستن تي نڪري آيا. مٺايون ورهايون. جشن ۾ چونڊيل نمائندا به شامل آهن. حيدرآباد ۽ نواب شاهه سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ به نواز ليگ ڪارڪنن جشن ملهايو. نواز ليگ ڪارڪنن اڄ جمعي تي شڪراني جو ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اڄ شڪراني جا نفل پڙهيا ويندا.

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر ( نمائندن وٽان ) پاناما ڪيس جي فيصلي اچڻ کانپوءِ ( ن ) ليگ جا ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا، جهمريون، مٺايون ورهايون ويون، سپريم ڪورٽ جي جوڙيل بئنچ پاران تاريخي پاناما ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائڻ شرط ( ن ) ليگ جا ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا، مختلف شهرن ۾ مٺايون تقسيم ڪري ريليون ڪڍيون ويون، حيدرآباد ۾ مسلم ليگ (ن) پاران پاناما ڪيس جو فيصلو وزير اعظم نواز شريف جي حق ۾ اچڻ جي خوشي ۾ (ن) ليگ حيدرآباد ضلعي جي صدر حنيف صديقي، سٽي صدر ڪليم شيخ، ڪامران جتوئي ۽ عظيم مغل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب سامهون ريلي ڪڍي مٺائي ورهائي وئي، ريلي ۾ شريڪ ليگي ڪارڪنن جهمريون هنيون ۽ وزير اعظم نواز شريف زنده باد جا نعرا هنيا، جڏهن ته پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان خلاف نعريبازي ڪندي عمران خان جي پتلي کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، سکر ۾ ايڊووڪيٽ پرويز راجپوت، ملڪ اعجاز، غلام نبي شاهاڻي، نديم مهيسر، مقصود آرائين، ايڊووڪيٽ ممتاز رباني ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، نوابشاهه ۾ ڊويزنل اڳواڻ سيد جي ايم شاهه، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، سليم شيخ، نادر سهيل، عادل رشيد، جڏهن ته لاڙڪاڻي ۾ شفيق احمد ڪورائي ۽ جيڪب آباد ۾ ياسر ابڙي جي اڳواڻي ۾ ريليون ڪڍي مٺايون تقسيم ڪيون ويون، سئي گئس ۾ پڻ ( ن ) ليگ جي ڪارڪنن خوشي جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سپريم ڪورٽ جي پاناما ڪيس جي فيصلي مان ثابت ٿي ويو آهي ته ميان نواز شريف صادق ۽ امين وزير اعظم آهي، اڄ عدالت تاريخي فيصلو ڏئي مسلم ليگ ( ن ) جي قيادت جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته عمران خان نواز شريف تي تنقيد ڪرڻ بدران پنهنجي صوبائي حڪومت جي ڪارڪردگي تي ڌيان ڏئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Khurshed Shah

نواز ۽ عمران گڏ نااهل ٿيندا: خورشيد شاهه

اسلام آباد (م ڊ) مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته حالتون ٻڌائي رهيون …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي