27 خميس , جولاءِ 2017

ڄام مدد 35 هزار ووٽ کڻي ٻيهر ايم پي اي چونڊجي ويو : پ پ جو جشن

Untitled-1 copyسانگهڙ/ڪنڊياري (رپورٽ: مرتضيٰ منگي+محمد عرس ڪنڀر) سانگهڙ جي پي ايس 81 تڪ تي ڄام مدد ٻيهر چونڊ کٽي ايم پي اي بڻجي ويو آهي. ضلعي سانگهڙ اندر سنڌ اسيمبليءَ جي خالي تڪ پي ايس 81 ڄام نواز علي تي ڪالهه ننڍي چونڊ ٿي گذري، جنهن ۾ 122 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پ پ اميدوار ڄام مدد علي 35901 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو آهي، جڏهن ته سندس سامهون بيٺل فنڪشنل مسلم ليگ جو اميدوار ڄام نفيس علي خان 24428 ووٽ کڻي هارائي ويو آهي. هوڏانهن ڄام مدد علي جي ڪاميابي تي پ پ ڪارڪنن جشن ملهايو، وڏي وزير سميت اڳواڻن ڄام مدد کي ڪامياب ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. واضح رهي ته ڄام مدد فنڪشنل ليگ تان استعيفيٰ ڏئي ايم پي اي سيٽ ڇڏي پ پ جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو هو.033041

ڄام نواز علي جي تڪ 81 تي چونڊ 2 حياتيون ڳڙڪائي وئي، 3 زخمي

، گهرن ۾ قهرام

ٽنڊوآدم(ت ر) ڄام نواز علي تعلقي اسپتال ۾ پي ايس 81 ڄام نواز علي تي ننڍي چونڊ لاءِ ڄام نواز علي ۾ پولنگ اسٽيشن قائم ڪرڻ تي ڳوٺ تلاءَ شاهه  جهيڙي دوران پ پ ڪارڪن محمد صالح خاصخيلي ولد امام بخش ۽ علي حسن خاصخيلي ماري ويا، ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا، مارجي ويلن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته 3 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ان ڏس ۾ فقير غلام حسين خاصخيلي ٻڌايو ته پولنگ اسٽيشن تلاءَ شاهه تي ف ليگ ڪارڪن اسان جي ووٽرن کي ووٽ وجهڻ کا روڪيندا رهيا، جنهن تان ڪيترائي ڀيرا منهن ماري ٿي، جنهن تان جهيڙو ٿي پيو. 15 جوابدارن لٺين ۽ ڪهاڙين سان حملو ڪيو، جنهن سبب  نوجوان محمد صالح خاصخيلي ٿڏي تي مارجي ويو، جڏهن ته 4 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، اسپتال ۾ علي حسن خاصخيلي به دم ڌڻي حوالي ڪيو، رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ اونئون آباد ٻڌايو ته ڌريون پاڻ ۾ مائٽ آهن، ليڊيز پولنگ اسٽيشن ٻاهران جهيڙو ٿي پيو، 5 ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي وڌيڪ جانچ ڪري رهيا آهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چوڌري نثار هوڏ تي قائم، پريس ڪانفرنس تان هٿ کڻڻ کان انڪار، نظرثاني لاءِ مهلت طلب

اسلام آباد (م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير ميان شهباز شريف وفاقي گهرو وزير چوڌري …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي