17 آچر , ڊسمبر 2017

سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ پ پ ۽ تحريڪ انصاف ۾ ٿيندڙ ويجهڙائپ..!!

سڪندر چنو

ملڪ جي وڏي ڪرپشن اسڪينڊل پاناما جو فيصلو ڪالهه سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بينچ ٻڌايو آهي. فيصلي ۾ ٻن ججن جسٽس گلزار ۽ جسٽس آصف سعيد کوسي وزير اعظم خلاف نوٽ هنيا ۽ پنهنجي نوٽ ۾ جسٽس صاحبان چيو آهي ته وزير اعظم نواز شريف جيئن ته امين ۽ صادق نه رهيو آهي ان ڪري هو نااهل آهي. فيصلو ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. ٽن ججن صاحبن وزير اعظم جي حق ۾ فيصلو ڏيندي ريماڪس ڏنا ته پاناما ليڪس تي اڃا تحقيقات ٿيڻ جي ضرورت آهي. ۽ 60 ڏينهن ۾ تحقيقات مڪمل ڪري رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وڃي. تحقيقاتي ٽيم ۾ آءِ ايس آءِ، ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ اي ۽ اسٽيٽ بئنڪ جا اعليٰ آفيسر شامل هوندا جيڪي 60 ڏينهنن ۾ رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائيندا ۽ پوءِ سپريم ڪورٽ آخري فيصلو ٻڌائيندي.

نواز شريف هن ڌٻڻ مان نڪري ويو آهي ۽ هاڻي نواز شريف پنهنجا 5 سال مڪمل ڪري سگهي ٿو. اهم ڳالهه ته آدم شماري جي حوالي سان وفاقي حڪومت اعلان ڪيو آهي ته سالياني بجٽ جون جي بجاءِ مئي مهيني ۾ پيش ڪئي ويندي ايندڙ بجٽ بابت کوڙ سارا سوال ذهن ۾ اڀري رهيا آهن. جون کان پوءِ حڪومت پاڻ مرادو ايندڙ اليڪشن جو اعلان ڪري سگهي ٿي. پاناما ليڪس ڪيس بابت ملڪ جي طاقتور اداري فوج پاران پڻ ملڪي سياستدانن کي هڪ پيغام ڏنو ويو هيو ته پاناما ليڪس بابت جيڪو به فيصلو ايندو اهو سڀني ڌرين يعني حڪومت مخالف پارٽين توڙي اقتداري ڌر کي قابل قبول هوندو. ۽ ڪا به ڌر روڊن تي نڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندي ظاهر آهي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجواه پڻ هڪ جمهوريت پسند آهي ۽ اهو چاهي ٿو ته جمهوريت جي پٽڙي ڊي ريل نه ٿئي. تازو عمران خان جي آرمي چيف سان ٿيل ملاقات ۾ پڻ آرمي چيف عمران خان کي آٿت ڏيندي چيو هيو ته 2018ع واري اليڪشن صاف ۽ شفاف ٿيندي.

موجوده سپريم ڪورٽ جي آيل فيصلي سبب عمران خان وزير اعظم کان استعفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ٻن ججن وزير اعظم کي نااهل قرار ڏنو آهي ان ڪري وزير اعظم نواز شريف ڦورن استعفيٰ پيش ڪري. ائين بلڪل ناهي. ڇاڪاڻ ته ٽن ججن نواز شريف جي حق ۾ فيصلو ڏنو آهي ان ڪري وزير اعظم استعفيٰ ڪهڙي قانون تحت ڏيئي؟  هينئر فيصلي کانپوءِ آصف علي زرداري تحريڪ انصاف سان گڏيل اتحاد ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي. ۽ ايندڙ اليڪشن پ پ ۽ تحريڪ انصاف گڏجي وڙهندا. ملڪي سياست ۾ جلد ٽوڙ ڦوڙ شروٿ ٿيڻ واري آهي. اسٽيبلشمنٽ نٿي چاهي ته ملڪ مان جمهوريت ڪنهن به طرح ڊيل ريل ٿئي. حڪومت مخالف سياستدانن جي چهري مان مايوسي صاف ظاهر نظر اچي رهي آهي. هينئر نواز شريف کي خاص ڪري سنڌ جي عوام جي خدمت ڪرڻ جو انمول موقعو مليو آهي ته هو سنڌ ۾ ٿيندڙ جلسن ۾ ڪيل اعلانن تي عمل ڪندي ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇائي. حالانڪه ڏٺو وڃي ته نواز ليگ کي سنڌ جي اڳواڻن جن ۾ اسماعيل راهو، امداد چولياڻي، لياقت جتوئي جي ڇڏڻ جو اصل سبب پاناما ليڪس هيو ۽ سياستدان اهو سمجهي ويٺا هئا ته وزير اعظم نواز شريف نااهل ٿيندو ان ڪري ان کي الوداع چئي رهيا هئا. پر هينئر ملڪي سياست جي صورتحال تبديل ٿي رهي آهي ڪجهه ڏينهنن ۾ فرق نمايان نظر ايندو. پ پ کي به هڪ موقعو مليو آهي ته هو سنڌ ۾ ترقياتي ڪمن جو جنگي بنيادن تي آغاز ڪري. سنڌ جي عوام کي ڪو رليف ڏنو وڃي. پاناما ليڪس جي فيصلي اچڻ سان نواز شريف جي جان ۾ هڪ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو آهي ۽ حڪومت ڪمزور ٿيڻ بجاءِ مضبوط ٿي آهي ۽ وزير اعظم ملڪ مان لوڊشينڊنگ جي خاتمي لاءِ جنگي بنيادن تي قدم کڻي ڇاڪاڻ ته پاڪستان هڪ ايٽمي طاقت آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

17 ڊسمبر: ڇا ڏنو ڇا ورتو

فقير محمد سنڌي 17ڊسمبر 1272ع تي فلسفي ۽ تصوف جو مفسر مولانا جلال الدین رومی …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے