28 جمعو , اپريل 2017
نڪور خبرون

سپريم ڪورٽ جو ڏکيو ۽ تاريخي فيصلو

سپريم ڪورٽ جي پنجن ججن جي بينچ ۾ ٻن جي مقابلي ۾ ٽن ججن مشهور ”پاناما ڪيس“ جو فيصلو ڪندي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف ۽ سندس اولاد کي سياسي طور نااهل ڪرڻ واري درخواست کي رد ڪندي پاناما ڪيس ۾ ذڪر ڪيل دولت ۽ لاڳاپيل معاملن کي جانچڻ لاءِ هڪ ”گڏيل جاچ ٽيم“ ( جي آءِ ٽي) ٺاهڻ جو اعلان ڪيو اهي، جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ، ايف آءِ اي ۽ آءِ ايس آءِ جا نمائيندا پڻ شامل ڪيا وڃن. اها جاچ ڪميٽي وزيراعظم ميان نواز شريف ۽ سندس ٻن فرزندن حسن نواز ۽ حسين نواز کان جاچ ڪري اها رپورٽ ٻن مهينن ۾ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائين ۽ ان کان پوءِ ئي ان جاچ ڪميٽي پٽاندڙ وزيراعظم ميان محمد نواز شريف کي نااهل ڪرڻ جو فيصلو ڪري سگهبو.

ڪالهه سپريم ڪورٽ جي پنجن ججن جي بينچ جسٽس آصف سعيد خان کوسا جي سرواڻي ۾ چئن ججن جسٽس عجاز افضل خان، جسٽس گلزار احمد، جسٽس شيخ عظمت سعيد ۽ جسٽس اعجاز الاحسن ان فيصلي جو اعلان ڪيو. اهو فيصلو ٽن ججن الڳ ڏنو ۽ ٻن ججن پنهنجو اختلافي نوٽ لکيو.

اپريل 2016ع ۾ دنيا ۾ ”پاناما پيپرز“ اچڻ کانپوءِ سپريم ڪورٽ ان ڪيس کي هلائڻ جو اعلان ڪيو هو. تحريڪ انصاف جو سربراهه مسٽر عمران خان، جماعت اسلامي جو سينيٽر سراج الحق ۽ عوامي مسلم ليگ جي شيخ رشيد احمد پاران ٽي مختلف آئيني درخواستون داخل ڪري عدالت کي ٻاڏايو هو ته حڪمران فيملي کي سياست تان نااهل ڪيو وڃي ۽ وزيراعظمي جي منصب تان ميان محمد نواز شريف کي هٽايو وڃي . سپريم ڪورٽ ان ڪيس جون 35 ٻڌڻيون هلايون. 25 هزار دستاويز ۽ ڪاغذ بحث هي آندا. ان بحث جو مکيه نُڪتو ميان نواز شريف جي اڻ ظاهر ڪيل دولت، لڪايل دولت، پاناما ۾ جمع ڪيل دولت ۽ لنوايل ٽئڪس شامل هئي.

ٽن ججن پنهنجي فيصلي ۾ ڪيئي سوال ۽ وهمي ڳالهيون سامهون رکيون آهن ته انهن جو سچائي سان ۽ خيال سان ڪيترو واسطو آهي. ان سلسلي ۾ نار اسٽيل ملز، قطر مان حماد بن ثاني جو اوچتو ظاهر ٿيندڙ خط ۽ انهن ملز جي وڪري ۽ جدي پهچڻ جي طريقن، سرمائي جي اچڻ ۽ وڃڻ جهڙيون ڳالهيون غور هيٺ اچڻ گهرجن ۽ انهن جي جاچ ٿيڻ گهرجي. ججن وڌيڪ چيو آهي ته اها جاچ ڪميٽي ٺاهڻ جو مقصد اصل ۾ اهو اپاهجپڻو آهي، جيڪو نئب جي چيئرمين ظاهر ڪيو ۽ هن ڪڏهن به جاچ تي راضپو نه ڏيکاريو. ان ڪري ايف آءِ اي، نئب، آءِ ايس آءِ، ملٽري انٽيليجنس، سيڪيورٽي ۽ مٽاسٽا ايجنسي مان هڪ هڪ ميمبر مقرر ڪيو وڃي ۽ ان جو راضپو عدالت کان حاصل ڪيو وڃي. اها جاچ ڪميٽي پرڏيهه ڏانهن ناڻو موڪلڻ، ناڻو سفيد ڪرڻ جهڙا ڪم پڻ جانچيا وڃن. جانچ ۾ ثابتي ملڻ تي ميان نواز شريف کي آئين جي شقن 184(3)، 187 (2) سميت شق 190 اها ڳالهه طئي ٿي ته پوءِ ڪنهن کي به نااهل ڪري سگهبو. ان لاءِ وزيراعظم سميت ڪنهن کي به جاچ ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو پر، ان سموري جاچ ۾ مسٽر حسن نواز ۽ مسٽر حسين نواز پڻ ساڻس جاچ ۾ گڏ هوندا. ججن پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته اها جاچ ۽ ان تي ٿيندڙ فيصلو انڌيري گهٽيءَ ۾ نه ٿو اڇلي سگهجي.

ٽن ججن جي ان فصلي خلاف ٻن ججن مان هڪ جسٽس آصف سعيد خان کوسا پنهنجي ختلافي نوٽ ۾ نامياري فرينچ دانشور بالزاڪ جو قول حوالي طور ڏيندي چيو آهي ته ”هر دولت جي گڏجڻ پٺيان ڏوهه جو هٿ هوندو آهي“ . هن 13 اهم ڳالهيون ڪين آهن ته انهن بنيادن تي ميان نواز شريف کي آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 هيٺ نااهل ٺهرايو وڃي. انهن 13 ڳالهين ۾ هن چيو آهي ته نواز شريف سچو ناهي، ايماندار ناهي، هن جي هيٺان هلندڙ جاچ ادارا ايماندار ناهن، لنڊن جي دولت جو بنياد موجود ڪونهي، دبئي جي فئڪٽري جو حوالو وزيراعظم جي تقرير ۾ موجود ڪونه هيو، جدي ۽ مڪي جي ملڪيتن جو به اهو ئي حال هيو، ملزم چوي ته وٽن رڪارڊ موجود آهي، پر وڪيل چون ته انهن وٽ ڪوبه رڪارڊ ڪونهي، سچايون لڪايون ويون، اوچتو قطر جو هٿ ناٽ ٺاهيو ويو، الثاني فيملي جي ڪابه سچائي ڪانهي، ميان نواز شريف جي فيملي هر شيءِ لڪائي جنهن ۾ ٽئڪس به شامل آهي.

ان فيصلي اچڻ کان پوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي پاران تبصرا ڪيا ويا آهن. پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري مطالبو ڪيو آهي ته ان فيصلي ۾ عوام راضي ڪونهي. عوام کي مايوسي ٿي آهي. ميان نواز شريف ڪرپٽ آهي. ان کي بنا دير استعيفا ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ان مضبوط ڪيس لاءِ جيڪڏهن پيپلزپارٽي کان مدد ورتي وڃي ها ته ان ڪيس ۽ فيصلي جي نوعيت ٻي هجي ها.

تحريڪ انصاف جي سرواڻ عمران خان چيو آهي ته ان ڪيس سان پاڪستان هارايو ۽ ڪرپشن کٽيو آهي. هن پنهنجي تڪڙي ردعمل ۾ چيو آهي ته ميان صاحب کي بنا دير استعيفا ڏيڻ گهرجي ته اها جاچ شفاف ٿي سگهي، ۽ انصاف ٿي سگهي.

جمعو  21  اپريل 2017ع،  23 رجب المرجب 1438 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ جي تعليم جو کيت کائيندڙ ماڪڙ ۽ بي اثر رٿابندي

سنڌ ۾ تعليم جي وزير ڊاڪٽر ڄام مهتاب حسين ڏهر چيو آهي ته سنڌ سرڪار …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي