28 جمعو , اپريل 2017
نڪور خبرون

تلور کان پاناما تائين….

وسعت الله خان

1960ع واري ڏهاڪي ٽائين هڪ عام پاڪستانيءَ لاءِ سعودي عرب جو تعارف مقدس ماڳن جي نگهبان ملڪ وارو هو. ماڻهو رياض کان واقف نه هئا، بس رڳو مڪي ۽ مديني کي سڃاڻيندا هئا.

گڏيل عرب امارتن، قطر، ڪويت ۽ بحرين جي نالن کان ان زماني ۾ ڪو پڙهيو لکيو پاڪستاني واقف هجي ته هجي پر ايران ۽ ترڪيءَ سان ثقافتي ۽ تاريخي لاڳاپن جي سرڪار طرح چڱي پرچار ٿيندي هئي.

جڏهن ستر واري ڏهاڪي ۾ نار جي ملڪن ۾ نئين سِر تعليم جو عمل شروع ٿيو ۽ پاڪستان جا ماڻهو انهن ملڪن ۾ روزگار حاصل ڪرڻ لڳا ۽ نار جي ملڪن جي فوج جي تربيت جي سهولتن ۾ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيو ته روائتي علائقائي رشتن جو مدار به تبديل ٿيڻ لڳو.

آڪٽوبر 1973ع واري عرب اسرائيل جنگ کانپوءِ شاهه فيصل ۽ وري شاهه خالد سان ڀٽو صاحب جو ذاتي قربت ۽ احترام جو ناتو قائم ٿيڻ سان اوڀر پاڪستان جي علحدگيءَ جي ڪري متاثر ٿيل اولهه پاڪستان جي حيثيت کي هڪ زبردست مالي ۽ نفسياتي سهارو مليو ۽ ايئن بجيٽ خسارو گهٽ کان گهٽ رکڻ ممڪن ٿي سگهيو.

پاڪستاني سياست ۾ پهريون ڀيرو سعودي عرب سان خاص تعلق جي اهميت ان وقت سامهون آئي، جڏهن مارچ 1977ع جي عام چونڊن ۾ ڌانڌلين جي الزامن سبب مخالف ڌر جي نون جماعتن قومي اتحاد جي پليٽ فارم تان ڀٽو مخالف تحريڪ شروع ڪئي.

ڌرين ۾ ڇڪتاڻ جڏهن ان حد تائين وڌي وئي جو هڪٻئي جون شڪليون ڏسڻ به پسند نه ڪيائون ته اسلام آباد ۾ مقرر سعودي سفير رياض الخطيب جي شٽل ڊپلوسيءَ ڪم ڏيکاريو ۽ پي اين اي ڀٽو سان ڳالهين لاءِ راضي ٿيو پر ان جو ميوو ضياءُ الحق جَهٽي ورتو.

ضياءُ الحق اسلامائيزيشن جو منصوبو شروع ڪيو ته هو سعودي عرب کي وڻڻ شروع ٿيو. ديواني ۽ فوجداري قانونن کي اسلامي قالب ۾ وجهڻ واري ڪم ۾ سعودي عرب ۽ عالمن ضياءُ الحق جي ڀرپور مدد ڪئي. اهي ئي حدود وارا قانون جيڪي سعودي عرب ۾ لاڳو هئا پاڪستان ۾ به لاڳو ٿيا.

سعودي عرب ڀُٽي کي ڦاهيءَ جو مخالف هو، پر ڦاسي پوءِ به آيس، پر ضياءُ الحق سان سرد مهري وارو رويو ان ڪري نه ٿي رکيو ويو جو سعودي عرب کي پاڪستان جي ايٽمي پروگرام ۾ دلچسپي هئي ۽ پوءِ ڀُٽي کي ڦاسيءَ جي اٺن مهينن کانپوءِ افغانستان ۾ سوويت فوج جي اچڻ سمورو نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏيو.

افغان مجاهدن جي تربيت ۽ تياري لاءِ هر هڪ آمريڪي ڊالر جي موٽ ۾ سعودي عرب به ڊالر ڏنا. ان سان گڏوگڏ سوويت ڪفي کي منهن ڏيڻ لاءِ نظرياتي ۽ افرادي قوت مسلسل مهيا ڪرڻ لاءِ سعودي ۽ نار جي سرڪاري ۽ خانگي تعاون سان مدرسن ۽ مسجدن جو ڄار وڇايو ويو ۽ ايئن هم خيال مجاهدن ۽ مذهبي ۽ سياسي گروهن لاءِ مالي امداد ڪو مسئلو نه رهي.

ان دوران ايران ۾ شيعا انقلاب اچي چڪو هو، تنهنڪري پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ ان جاغرافيائي، ثقافتي ۽ تاريخي مروت کان به آزاد ٿي وئي جيڪا ان وقت تائين ايران سان ويجهي ناتي جو جواز فراهم ڪري رهي هئي، صورتحال مڪمل طور نار ڏانهن جهڪندي وئي ۽ پاڪستان جي سبز نظرياتي نقشي ۾ سعودي سائو رنگ به شامل ٿيندو ويو. دفاعي نطرياتي ۽ سياسي لحاظ کان ٻئي ملڪ هڪ جان ٻه دليون نظر اچڻ لڳا.

جيتوڻيڪ ڀُٽي صاحب سان سعودي شاهي خاندان جا خاص لاڳاپا هئا پر بينظير ڀٽو جو وزيراعظم ٿيڻ اهڙي گرمجوشي پيدا نه ڪري سگهي پر ان جو متبادل گڏيل عرب امارتن جي صورت ۾ موجود هو.

متحده عرب امارتن جي ڪمپنين بينظير ڀٽو جي دور ۾ خدمتن ۽ صنعتن جي شعبن ۾ سيڙپ شروع ڪئي ۽ اڄ اماراتي ڪمپنيون ٽيلي مواصلاتي ۽ بينڪاريءَ جي شعبن ۾ خاص اهميت رکن ٿيون.

اقتدار تان لهڻ کانپوءِ دبئي بينظير جو گهر بڻيو ۽ اڄ به عملي طور لڳي ٿو ته ڪراچيءَ سان گڏوگڏ دبئي سنڌ جو ٻيو گاديءَ وارو هنڌ آهي. ان سڄي عرصي ۾ پاڪستان کان ٻاهر جيڪڏهن پاڪستانين سڀ کان وڌيڪ ملڪيتون ڪنهن ملڪ ۾ خريد ڪيون ته اها دبئي ئي آهي.

سعودي عرب کانپوءِ گڏيل عرب اماراتون نار جو ٻيو ملڪ آهي، جتي سڀ کان وڌيڪ پاڪستاني پورهيت موجود آهن ۽ پاڪستان کي هر سال ڏيساور ۾ رهندڙ پاڪستاني مٽاسٽا وارو جيڪو ناڻو موڪلن ٿا، تنهن جو اڌ انهن ملڪن مان اچي ٿو.

تنهن ڪري پاڪستان جي اندروني سياست ۾ اماراتي ڪردار به وڌندو ئي ويو. جنرل پرويز مشرف ۽ بينظير ڀٽو وچ ۾ اين آر او جي بنياد تي ٺاهه به امارتن ۾ ٿيو هو. جنرل مشرف جي صدارت تان لهڻ کانپوءِ بنا ڪنهن ڪيس جي خيريت سان 18 آگسٽ 2008ع تي پاڪستان مان اڌارَ ڪرڻ جي ضمانت ڏيندڙ ملڪن ۾ آمريڪا ۽ برطانيا سان گڏوگڏ اماراتي اسٽيبلشمينٽ به ٻڌائي وڃي ٿي.

پرويز مشرف جو هڪ گهر جي لنڊن ۾ آهي ته هڪ دبئي ۾ ۽ پاڪستان ته خير هن جو پنهنجو ئي آهي…. ڪجهه مهينا اڳ مشرف صاحب هڪ پاڪستاني ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي اهو اعتراف به ڪري چڪو آهي ته هن لنڊن ۽ دبئيءَ ۾ عهدو ڇڏڻ کانپوءِ جيڪي گهر خريد ڪيا، تن جي رقم سندس ويجهي ترين دوست مرحوم، شاهه عبدالله فراهم ڪئي. بقول جنرل صاحب جي ايتري بي حجائپ هئي جو جي شاهه عبدالله ڪڏهن ڪڏهن سگريٽ پيئڻ جو شوق کڻي ڪندو به هو ته اهو صرف هُن سان ئي ڪندو هو.

انهيءَ ئي شاهه عبدالله جو احسان مند نواز شريف به آهي، جنهن کي شاهه عبدالله پنهنجي دوست پرويز مشرف جي چنگل مان 10 ڊسمبر 2000ع جي رات شاهي جهاز ۾ويهاري رفيق الحريري ۽ سعودي عرب جي ڳجهي اداري جي سربراهه شهزادي مقررن بن عبدالعزيز ذريعي معاهدو ڪرائي ننڍي ۽ وڏي ميان صاحب کي جدي جي سرور پيلس ۾ سالن جا سالَ رکيو. (هونئن اهو فيصلو نواز شريف جي جدي روانگيءَ کان ئي مهينا اڳ قطر جي گاديءَ واري هنڌ دوها ۾ اسلامي سربراهه ڪانفرنس جي موقعي تي شاهه عبدالله ۽ پرويز مشرف وچ ۾ مبينا طور زباني طئي ٿيو هو).

۽ ان کان به گهڻو اڳ پاڪستان مئي 1998ع ۾ ايٽمي ڌماڪا ڪيا ته سعودي عرب عالمي اقتصادي پابندين جو بارُ گهٽائڻ لاءِ پنهنجي دوست نواز شريف جي چڱي مدد ڪئي.

ان جي اڳئين سال جنرل مشرف ڪارگل جو ايڊونچر ڪئي ته ان ڪمبل مان جند ڇڏائڻ لاءِ به سعودي عرب ڀرپور مدد ڪئي ۽ جڏهن وزيراعظم نواز شريف صدر ڪلنٽن سان ملڻ لاءِ جولاءِ 1999ع ۾ واشنگٽن پهتو ته سعودي شهزادي بندر بن سلطان کيس بليئر هائوس ڇڏيو ۽ نواز شريف جي ڪلنٽن سان باضابطي ملاقات کان اڳ پاڪستاني موقف ۽ خدشن جي وڪالت ڪري ڪلنٽن جي دل نرم ڪئي.

پوءِ به شاهه عبدالله جو هڪ دوست 12 آڪٽوبر تي سندس ٻئي دوست جا بسترا گول ڪرائڻ کان نه مڙيو پر سعوديءَ کي اهڙين اندروني تبديلين بابت ڪا خاص ڳڻتي ناهي رهي، ڇو جو پاڪستان ۾ جيڪو به جنهن جي به جاءِ تي ايندو پهريون ته رياض ئي ويندو.

وقت گذرڻ سان گڏوگڏ پاڪ-عرب ڀائي ڀائي ۾ نار جو ٽيون ملڪ قطر به شامل ٿي ويو، جڏهن سوا سال اڳ قطر کان 16 ارب ڊالرن جي ايل اين جي گهرائڻ جو ٺاهه ٿيو ته عامُ تاثر اهو ئي هو ته قطر سان اقتصادي نوعيت جو ٺاهه آهي، پر ڀلو ٿئي پاناما پيپرز جو جنهن سان ياريءَ جي ڪوشش ۾ نواز شريف کي اهو تاثر ڏيڻو پيو ته صرف سعودين سان ئي نه پر قطري شامي خاندان سان به سڳن ڀائرن جهڙا لاڳاپا آهن.

سعودي عرب ته نواز شريف کي ٽيون ڀيرو اقتدار ۾ اچڻ تي ڏيڍ ارب ڊالرن جي سلامي ڏني هئي پر قطري شاهي خاندان ته شريف خاندان جو ڪاروباري ڀائيوار به نڪتو ۽ اهو به اڄ جو نه پر 30، 35 سالن جو جڏهن شريف ڀائرن جي والد اڳوڻي قطري وزيراعظم شيخ حماد بن جاسم الثاني جي والد کي 12 ملين درهم سيڙپ ڪاري لاءِ ڪچي رسيد تي ڏنا ۽ ان جي بدلي شيخ حماد لنڊن ۾ شريف خاندان کي چار فليٽ ڏنا. جيستائين ان ٽرانزيڪشن جي ريڪارڊ جو تعلق آهي ته عدالت کي ٻڌايو ويو ته جنرل مشرف جي تختي اونڌي ڪرڻ واري مهم جي نتيجي ۾ هڪ ظلم اهو به ٿيو ته شريف خاندان جو 40 سالن جو ڪاروباري ريڪارڊ به ضايع ٿي ويو. تنهن ڪري هاڻي رڳو ان خط تي ڀاڙيو وڃي جيڪو قطري شهزادي عدالت لاءِ لکيو آهي.

ان خط تي مونکي اهو سادو ڪاغذ ياد اچي ويو جيڪو هڪ ٻار ڊرائينگ ٽيچر کي اهو چوندي ڏنو ته سراهيءَ ڊرائيننگ ڏسو. ڳئون گاهه چري رهي آهي. استاد پڇيو ته پٽ پر گاهه ڪٿي آهي؟ ته ٻار وراڻيو ته سائين اهو ته ڳئون کائي وئي… ڀلا ڳئون ڪٿي آهي؟ ته وراڻيائين اها به گاهه کائي هلي وئي!!

سو اڄ جي تصوير ڪجهه هن ريت آهي ته پاڪستاني فوج ۽ سعودي فوجي اسٽيبلشمينٽ جا پاڻ ۾ سڌا سنوان لاڳاپا آهن، پاڪستان جيتوڻيڪ يمن جي جنگ ۾ اثرائتو ڪردار ادا نٿو ڪري پر جنرل رٽائرڊ راحيل شريف سميت 34 رڪني مسلمان عسڪري امارتن ۽ نواز حڪومت جي وچ ۾ بظاهر سرد مهري آهي پر زرداري خاندان ۽ اماراتي خاندانن ۾ اڳي وانگر گرمجوشي برقرار آهي.

جيتوڻيڪ نار جي ملڪن ۾ پاڪستاني ڪارڪنن سان ڪو سٺو ورتاءُ ناهي ڪيو ويندو پر پاڪستاني تلور بهرحال پاڪ نار لاڳاپن جو هڪ اهم اڃا به پهريون ٿنڀ آهي، ڇاڪاڻ ته ايوب خاني دور ۾ پهريون تلور آيو پوءِ عرب شيخ ڇڪجندا آيا ايئن قطرو قطرو قطرو قطر بڻجندو ويو.

نار جا ملڪ پاڪستان جي اندرين سياست تي نه رڳو سڌو سنئون پر حامي مذهبي تنظيمن ۽ عالمن جي ذريعي اڻ سڌي نموني اثر انداز ٿيندا رهيا. گذريل 40 سالن ۾ پاڪستان ۽ نار جي اسٽيبلشمينٽ جي ويجهڙائي سان پاڪستان اندر ڪافي ننڍيون وڏيون سماجي ۽ سياسي تبديليون ٿيون آهن، عام سطح تي ته سڀ کان واضع تبديلي اها آئي آهي ته خدا حافظ جو الله حافظ ۾ بدلجي وڃڻ آهي. 1990ع جي ڏهاڪي تائين امن امان جي بحالي لاءِ فوج يا نيم فوجي ادارا جيڪو آپريشن ڪندا هيا انهن جا نالا هوندا هيا، آپريشن جبرالٽر، آپريشن سرچ لائيٽ، آپريشن فيئر پلي، مڊ نائيٽ جي ڪال وغيره هاڻي آپريشن جا نالا ٿي ويا آهن آپريشن راهه حق، راهه راست، ضرب عضب ۽ رد الفساد!

جڏهن ته سياست ۾ اها تبديلي آئي آهي ته افغان مجاهدن جو هڪ پڙ تورڻ جو مسئلو هجي يا سويلينز فوج جي يا فوج سويلينز جي ٻڌي اڻ ٻڌي هجي، آمدني کان واڌو خرچ جي پردا پوشي لاءِ ڪنهن شهزادي جو خط گهربل هجي يا ڪنهن کي ڪنهن جي خلاف تحريڪ هلائڻ کان روڪڻ هجڻ يا حمايت تي راضي ڪرڻ هجي جڏهن سڀ اندريون ڪوششون ناڪام ٿي وينديون آهن، ته پوءِ ڪيس خليجي جرڳي جي آڏو هلندو آهي ۽ ايئن پوءِ سڀ کير کنڊ ٿي ويندا آهن.

پر هاڻي ان ۾ هڪ فرق پيدا ٿي رهيو آهي. شروع جا 30 سال پاڪستاني پاور پاليٽيڪس ۾ توازن ۽ ٽياڪڙي لاءِ آمريڪي ڪردار نمايان هوندو هو، پوءِ جي 30 سالن ۾ خليجي ڪردار آمريڪا جي جاءِ ورتي ۽ هاڻي چين جو زمانو شروع ٿي ويو آهي.

ٻار هونئن به ڪنهن سرپرست جي پنهنجا مسئلا پاڻ حل ڪرڻ جي قابل ناهن هوندا جڏهن وڏا ٿيندا ته تڏهن ئي ته وڏا ٿيندا نه!!

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاناما ملاکڙو : مٺايون کايئندڙ پهلوان پريشان

علي محمد ميمڻ ڪورٽ جي پاناما ڪيس بابت فيصلي جي موقعي تي ملڪ جي عوام …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي