23 ڇنڇر , سيپٽمبر 2017

پاناما بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو نچوڙ

                         سپريم ڪورٽ جي پنجن ميمبرن واري بينچ ٻن جي ڀيٽ ۾ ٽن ميمبرن جي اڪثريت سان پاناما ڪيس ۾ محفوظ ڪيل فيصلو ڪالهه خميس ڏينهن 20 اپريل تي ٻڌائي ڇڏيو آهي. هن فيصلي ۾ ٻن سينيئر ججن يعني بينچ جي سربراهه جسٽس آصف سعيد خان کوسي ۽ جسٽس گلزار احمد اڪثريتي ججن جي راءِ سان اختلاف ڪندي اختلافي نوٽ هنيا آهن ۽ الڳ هدايتون ۽ حڪم ڏنا آهن. سپريم ڪورٽ جو تفصيلي فيصلو جيتوڻيڪ 540 صفحن تي مشتمل آهي پر ان جو تت ۽ نچوڙ هي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿو.

سپريم ڪورٽ فيصلو ٻڌائيندي هي اهم سوال اٿاريا آهن ته نار واري اسٽيل مل ڪيئن قائم ٿي؟ ان جي وڪري جا ڪارڻ ڪهڙا هئا؟ ان تي جيڪي بقايائون هيون تن جو ڇا ٿيو؟ ان کي وڪڻڻ وارو عمل ڪهڙي نموني انجام کي پهتو، اهي جدي کانپوءِ قطر ۽ برطانيا تائين ڪيئن وڃي پهتا؟ ٻيو ته جيڪڏهن مدعي نمبر 7 ۽ 8 جو سندن عمرين جي حساب سان جائزو وٺجي ته سوال ٿو اڀري ته ڇا نوي جي ڏهاڪي جي شروع شروع ڌاري وٽن ايترا وسيلا هئا جو اهي فليٽ خريد ڪن ۽ انهن جا مالڪ بڻجي سگهن، ٻيو ته حماد بن جاثم الجابر الثاني جي خط جو اوچتو ظاهر ٿيڻ حقيقت آهي يا افسانو؟ ۽ اها ڀائيواري ۽ اهي شيئر فليٽ ۾ ڪيئن تبديل ٿي ويا؟ ايم ايس نيلسن انٽرپرائيزز لميٽڊ ۽ نيڪول لميٽڊ جو اصل مالڪ ڪير آهي، جنهن کي فائدو ملي رهيو آهي؟ سيڙپ لاءِ دولت ڪٿان آهي، مدعي نمبر 8 جي نالي تي جيڪي ڪمپنيون آهن سي ڪيئن قائم ٿيون، انهن لاءِ رقم ڪٿان آئي. مدعي نمبر ست کان مدعي نمبر هڪ کي ڪروڙن جي جيڪا دولت تحفي ۾ ڏني وئي سا ڪٿان آئي؟ هي اهي سوال آهن جيڪي جواب گهرن ٿا، تنهن ڪري هن معاملي جي تفصيلي جاچ جوچ جي ضرورت آهي.

عام حالتن ۾ اهڙي جاچ جيئن ته نئب جو ادارو ڪندو آهي پر جڏهن ان جو چيئرمين لاتعلق بڻيل هجي ۽ پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه هجي ته پوءِ اهڙي صويرتحال ۾ اسان هيڏي هوڏي نهارڻ تي مجبور آهيون، تنهنڪري هن معاملي جي جاچ لاءِ هڪ گڏيل جاچ ٽيم (جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم“ قائم ڪجي ٿي، جيڪا هيٺين ميمبرن تي ٻڌل آهي.

  1. I) فيڊرل انويسٽيگيشن اٿارٽي (ايف آءِ اي) جو سينيئر آفيسر جيڪو ايڊيشنل ڊائريڪٽر جي رتبي کان گهٽ نه هجي، جيڪو وائيٽ ڪالر ڏوهن ۽ لاڳاپيل معاملن جي جا چ جو تجربو رکندڙ هجي سو هن ٽيم جو سربراهه هوندو.
  2. II) قومي احتساب بيورو جو نمائندو، سيڪيورٽي ۽ ايڪسچينج ڪمپنيز آف پاڪستان جو نامزد نمائندو، جيڪو مني لانڊرنگ ۽ وائيٽ ڪالر ڏوهن جي معاملن کان چڱي ريت واقف هجي، اسٽيٽ بينڪ جو نامزد نمائندو، آءِ ايس آءِ جو تجربيڪار نمائندو، جنهن کي پنهنجو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪري ۽ ملٽري انٽيليجنس جو تجربيڪار آفيسر جنهن کي پنهنجو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪري سي هن ٽيم جا ميمبر هوندا.

مٿي ڄاڻايل کاتن/ ادارن جا سربراهه ستن ڏينهن اندر جي آءِ ٽي لاءِ پنهنجي نامزد نمائندن بابت سفارشون پيش ڪندا، جيڪي نامزدگي ۽ منظوريءَ لاءِ اسان جي چيمبر ۾ پيش ڪيا وڃن. جي آءِ ٽي ڪيس جي جاچ ڪندي ۽ اهي ثبوت گڏ ڪندي ته مدعي نمبر اول يا ان تي ڀاڙيندڙ اهڙي ملڪيت، اثاثا ۽ دولت رکن ٿا، جيڪا سندن حيثيت کان مٿي ۽ غير مناسب آهي، جيئن آئيني سيشن نمبر 29 سال 2016ع، آئيني سيشن نمبر 30 سال 2016ع ۽ آئيني سيشن نمبر 03 سال 2017ع ۾ چيو ويو آهي.

جيتري قدر آمدنيءَ جي ذريعن جو تعلق آهي ته ان لاءِ مدعي نمبر هڪ (وزيراعظم)، ست (حسين نواز) ۽ اٺ (حسن نواز) کي هدايت ڪجي ٿي ته اهي جڏهن به ضرورت پئي تڏهن گڏيل جاچ ٽيم وٽ پيش ٿين ۽ ان سان رابطي ۾ رهن. جي آءِ ٽي، جيڪڏهن مٿي ذڪر ڪيل فليٽن، ٻين اثاثن، مالي وسيلن ۽ اهي ڪٿان آيا؟ سان لاڳاپيل ڪو مواد جيڪڏهن ايف آءِ اي ۽ نيب وٽ اڳواٽ ئي موجود آهي ته ان جو به جائزو وٺندي جي آءِ ٽي هن عدالت طرفان ان ڏس ۾ جوڙيل بينچ اڳيان هر ٻن هفتن کانپوءِ عارضي رپورٽ پيش ڪندي. جي آءِ ٽي پنهنجي قيامَ جي 60 ڏينهن اندر جاچ مڪمل ڪندي ۽ ڄاڻايل بينچ اڳيان رپورٽ پيش ڪندي، جنهن کانپوءِ بينچ آئين جي شق (13، 184، 2، 187 ۽ 190) تحت حاصل اختيارن تحت مناسب حڪم جاري ڪندي، جنهن ۾ مدعي نمبر اول (نواز شريف) ۽ ٻئي ڪنهن ماڻهو جنهن جو هن ڏوهه سان تعلق هجي تنهن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم به شامل هوندو.

اهو به قرار ڏجي ٿو ته جي آءِ ٽي جي وقتي توڙي مڪمل رپورٽ جي صورت ۾ ٻئي شيون سامهون رکندي جي ضروري ٿيو ته مدعي نمبر هڪ جي نااهليءَ لاءِ به غور ڪيو ويندو. جي ضرورت هوندي ته مدعي نمبر هڪ يا ڪنهن به ٻئي ماڻهوءَ کي جاچَ لاءِ طلب به ڪيو ويندو. قابل احترام چيف جسٽس کي گذارش ڪجي ٿي ته انهن آئيني پٽيشنن تي عمل يقيني بڻائڻ لاءِ پٽيشن قائم ڪري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهيد بينظير ڀٽو جو قتل ۽ مشرف جو الزام

زرار پيرزادو ميڊيا موجب پرويز مشرف خميس ڏينهن تي هڪ وڊيو پوسٽ ڪئي آهي جنهن …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي