23 آچر , جولاءِ 2017

اڄ جا انڌا اونڌا ويڄ

حافظ سڪندر تنيو

ڪجھه ڏهاڙا اڳ هڪ دوست فون ڪئي ته لاڙڪاڻي اسپتال۾ مريض کڻي آيا آهيون.حالت خراب اٿس سهڪو ۽ بلڊ پريشر وڌيل اٿس، گيس چاڙھڻ ۽ آءِ سي يو ۾ رکڻو اٿس، پر وارڊ ۾بيڊ (کٽ) ئي نٿي ملي. مريض ٻاهر اُس ۾ باغيچي ۾ رکيو کيس ونجڻا هڻي رهيا آهيون. ڪوئي واقفڪار ڊاڪٽرهجي ته کيس سفارش ڪريوس ۽ چئن ڪلاڪن کان پوءِ فون ڪيائين ته مريض کرڙيون هڻندي ساهه ڏيئي ويو، هاڻي لاش ڳوٺ کڻائي وڃي رهيا آهيون.هيءَ حالت لاڙڪاڻي جهڙي وڏي شهر جي آهي ته باقي ننڍن شھرن جي حالت ڇا هوندي.

پاڪستان ۾ جنهن به ٻار کان پڇا ڪندا آهيون ته وڏو ٿي ڇا ٿيندين؟ته چوندو آهي ته ڊاڪٽربڻجي قوم جي خدمت ڪندس.ناسمجھه ۽ نادان هئڻ سبب سندس زبان مان اهڙا غلط لفظ نڪري ويندا آهن .پر جڏھن پڙھي وڏو ٿي ڊگريءَ جي.پڳ مٿي تي رکي مبارڪون وٺندو آهي ته کانئس خلق جي خدمت واري ڳالھ وسري ويندي اٿس. کيس والدين سمجهائيندا آهن ته  خلق جي خدمت ڪرڻ وارو سياستدانن وارو جملو ٻيهر نه ورجائجانءِ، توکي هاڻي عوام کي جهٽڪا ڏيڻا آهن.جو سڀ کان وڌيڪ اسان ڏکايل آهيون توکي ڄمڻ وقت نمونيا ۽ ڪالرا ٿي پئي هئي. علاج تي گهڻو خرچ ٿي ويوهيو.پڙھائي ءَ ۾ به جڏو هئين ان ڪري قومي اسمبلي جي ميمبر صاحب مشورو ڏنوهيو ته جيئن ئي بي اي پاس هجڻ جوشرط اسيمبلي ميمبر لاءِ لاڳو ڪيو ويوهيو. سو  مان به اڻ پڙھيل هيس ان ڪري ڪرائي تي ڳوٺ جي پڙھيل نوجوان ڇوڪري کان پنهنجي پاران امتحان ڏياريوهيم. توهان به هن ڇوڪري لاءِ مون وارو فارمولو استعمال ڪريو. پوءِاسان به گلڻ حجم جي ڇوڪري ساگرکي تو واري سيٽ تي ويهاريوهيوسين، ۽ ڪاليج جي پرنسپل سان سستائي واري دور۾ پنجن لکن ۾ ڊگري وٺرائي ڏيڻ جو سودو ڪيو هيوسين. اڄ تنهنجي نالي اڳيان مولوين جي نالن جيان وڏين ڊگرين جا نالا لڳل آهن. اهي سڀ ڪرامتون پيسي پير ڏيکاريون هيون. ان ڪري نه عيسيٰ نه موسيٰ بڙا پيرپيسا ڪيوسين .هاڻي اها سموري لاڳت توکي ڪڍڻي آهي ڀلي هڪدم نه پر آهستي آهستي ٽجوڙي ڀريندو رهه.هڪ سچو واقعو ٿو ٻڌايانو لاڙڪاڻي چانڊڪا ڪاليج جو وڏو پروفيسر وارڊ ۾ مريض چڪاسيندو پيو اچي. هڪ مريض مٿان لٽو پيل هيو ٻانهن ٻاهر نڪتل هيس. ڊاڪٽر نبض ڏسي چيو ته ڪالهھ کان اڄ طبيعت بهتر اٿس.کيس چيو ويو ته صاحب ھي ته ٻارنهن ڪلاڪ اڳ مري چڪو آهي. ڊاڪٽر چيو بابا اسان ته وڏي ڪوشش ڪئي سين ته بچي پوي جو مان مئل کي به جيئرو چوندو رهيس. پر الله جي پاران ڏينهن پورا ٿيس هن ئي ماريس ته مان ڇاٿو ڪري سگهان.

مونکي پرئي مشڪري ٻڌايو ته اڄ جي ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪن (ڌاڙيلن)۾ ڪوئي فرق ڪونهي ،ڊاڪٽر آپريشن مهل منهن کي اڇي ۽ سائي ڪپڙي سان ڍڪيندا آهن، ته ڌاڙيل ڪاري ڪپڙي سان منهن لڪائيندا آهن.هي به چيرڦاڙ ڪندا آهن ته هوبه ساڳي ڪرت ڪندا آهن.هو گولين جو استعمال ڪندا آهن ته هي به گورين جو،فرق هي هوندو آهي ته ڌاڙيل سختي ءَ سان پيسا کسيندو آهي ته ڊاڪٽر نرمي ءَ سان کيسو خالي ڪندو آهي.ڌاڙيل جي خوبي هي ءَ هوندي آهي ته هو اڪيلو ڦريندو آهي، پر ڊاڪٽر جو وڏو ٽولوهوندو آهي. ايڪسري، الٽراسائونڊ ۽ ليبارٽين وارن کان به مريض کي ڦرائيندو آهي.کين چوندو آهي کل هن لاٿي اٿس باقي جسم جو نيمڪ اوهان ڪڍي بي ستو ڪري گهر موڪليوس.

انگريز جي زماني کان قانون لاڳو آهي ته سرڪاري ملازم ڊيوٽي کان پوءِ ٻئي هنڌ ڪم نه ڪري، پر ڊاڪٽر سرڪاري ڊيوٽي کي چارڪلاڪ به ڪسندي مرندي ڏيندو آهي، باقي چوڏھن ڪلاڪ مولوي وانگرتسبيح ڪلينڪ تي پڙهندو آهي ته مالڪ ننڍووڏو آڻ ڏينهن نه کار.ڊاڪٽر کان سرڪار،پنج ڪلاڪ ڊيوٽي ان ڪري وٺندي هئي ته هو گهر وڃي ماني کائي ننڊ ڪري، سڀاڻي تائين تازو ذھن ٿي ڪري مريضن کي اچي تپاسي. پرڊاڪٽر کي چارڪلاڪ آرام به نصيب ناهي، ويهھ ڪلاڪ ٻلي جيان ڪوئي جي تاڙ ۾ اوڪڙو ويهي انتظار ڪندو رهندو آهي، ته سڻڀو شڪار اچي ته نشتر ڪک ۾ ٽنبيانس.اخبار جي رپورٽرفتو ڦاٽل دهل، ڊاڪٽر کان انٽرويو ڪندي سوال ڪيوته اوهانکي چڙ۽ بڇان ڪهڙي سوال تي لڳندي آهي ؟ ته واسينگ نانگ وانگي ڦوڪٽ ڀريندي جواب ڏنائين ته جڏھن ڪوئي بنا فيس ڏيڻ جي پڇندو آهي ته ٽائيم ڪيترو ٿيوآهي ۽ اڄ تاريخ ڪهڙي آهي ۽ سرڪاري اسپتال ڪهڙي هنڌ آهي. انهن سوالن تي اسانکي ڪاوڙ لڳندي آهي ته اسان جو قيمتي وقت بنا فيس ڏيڻ جي زيان ڪندا آهن.ملائيشيا ۾ هڪ تقريب ۾ مشهور سرجن ۽ ٻيا ڊاڪٽر به ويٺل هئا جن ۾ هڪ سي آءِ ڊي انسپيڪٽر به ويٺل هيو.  ڊاڪٽر کان ڪنهن ماڻھو ءَ پڇيو ته هيءَ تڪليف اٿم ڪوئي علاج ڏسيو؟ ڊاڪٽر چيس ته سڀاڻي سرڪاري اسپتال اچج.جيڪڏھن هتي پرچو لکي ڏنم ۽ سامهون ويٺل سي آءِ ڊي واري رپورٽ ڪئي ته ٻاھر ويهي علاج ڏسيندو ٿو رهي ته منهنجي نوڪري نه بچندي.اسان وٽ عجيب تماشو لڳو پيو آهي، جو سرڪاري اسپتالن کي ڊاڪٽرن، ٽالپر حڪمرانن جيان شڪار گاهه بڻائي ڇڏيو آهي ،جو اتي ايندڙ مريض تي بڇ ڪئي ٿي وڃي.چوڌاري سندس پيراميڊيڪل اسٽاف  شڪار (مريض)کي گهيري ۾  آڻي پرائيويٽ اسپتال ڏي ڪاهي ٿا وڃن. جتي وڃي سندس چيرڦاڙ شروع ڪئي ويندي اٿس.ڊاڪٽر هڪ لک رپيا روزانو خانگي ڪلينڪ تان ڪمائي ٿو سندس خلاف قانون ساز ادار ايڪشن ان ڪري نٿا کڻن. جو اتي ويٺل اسيمبلي ميمبرن کي ڳجهي بيماري لڳل هوندي آهي، جيڪا سندن ڪرپشن پڪڙڻ وقت ظاهر ٿي پوندي آهي. ان ڪري ڊاڪٽر کان کين سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ضرورت پوندي آهي. هو لکي ڏيندو آهي ته مريض جي نازڪ حالت آهي. هو بيساکين ۽ چئن ڪمدارن جي ڪلهي جي ٽيڪ تي هلي رهيو آهي .هن جو علاج آمريڪا۾ صدر بارڪ اوباما جي رنگ نسل وارن مشهور ڊاڪٽرن کان ڪرايو وڃي ته مريض نوبنو ٿي پوندو.پوءِ آمريڪي علاج منجهان کيس مڪمل فائدو حاصل ٿيندو آهي ۽ هر ڇهين مهيني چڪاس ڪرائڻي پوندي اٿس.مون ڏٺو آهي ته سرڪاري اسپتالن مان علاج ،ٽيسٽون۽ رپورٽون ڊاڪٽر رڳو پنهنجي مائٽن جون ئي ڪندا آهن، جو وڏي ملھه واريون قيمتي مشينون اتي هونديون آهن. مفت جون دوائون به انهن کي ۽ خانگي اسٽورن تي وڪاميون وينديون آهن. ڊاڪٽر مريض کي وقت گهٽ پر ميڊيڪل ريپ کي وڌيڪ ڏيندا آهن. جو کانئس ايڊورٽائيز مٽيريل ۽ دوائون مفت ۾ ملنديون اٿس.ڪجهھ ڪمپنيون هيرامنڊي جي دلال واروڪم به ڪندي ڊاڪٽرن کي سوئيزرلينڊ ۽ بينڪاڪ جا سير سپاٽا به پنهنجي خرچ تي مهيني جي مسافري مفت ۾  ڪرائيندا آهن. بدلي ۾ کانئن پنهنجون بيڪار نقلي دوائون وڪرو ڪرائي عوام کان ڏوڪڙ اوڳاڙي ڪرائي ڏيندا آهن .جڏھن ته سڌريل ملڪن ۾ ائين نه ٿيندو آهي. مونکي آمريڪا ۾ رهندڙ اسد چانڊيي ٻڌايو ته هتي جيڪا ڪمپني نئين دوا آڻيندي آهي ته  (SMO)اسٽيٽ ميڊيڪل آفيسرکان وقت وٺي دوائن جون خاصيتون ٻڌائي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪرڻ جي اجازت وٺنديون آهن. ڊاڪٽرسان اڪيلو ملڻ مسلم معاشري ۾ مرد ۽ عورت جي اڪيلي ملڻ جيان ڏوهه ليکيو ويندو آهي، جيڪو رشوت جي زمري ۾ ايندو آهي.ڇو جواتي مريض کي سڀ دوائون سرڪار پاران ملنديون آهن. جيڪي ادار پنهنجي ملڪ۽ قوم سان محبت ڪندا آهن .سي سڀ چور دروازا بند ڪري ڇڏيندا آهن.پر جيڪو سوئيزرلينڊ، برطانيا۽ دبئي ۾ دولت لڪائڻ لاءِ کاتا کولي رکندڙھجي، سو پاڻ به عوام کي ڦريندو آهي، ته ٻين کان به کيس ڦرائيندو رهندو آهي.ڪڏھن هي به ٻڌو آهي ته بارڪ اوباما ۽ ٽوني بليئر۽ مهاتير محمد جا اڪائونٽ جرمني ۽ جاپان ۾ کليل هجن؟ ملاح جهاز ۽ ٻيڙي مان سامان تڏھن ٻئي ٻيڙي ڏي ٽپائيندا آهن، جڏھن کين پڪ ٿيندي آهي ته جهاز هاڻي ٻڏڻ وارو آهي، پر سفينئه پاڪستان کي ٻوڙڻ وارا سندس ملاح ئي ڏٺا ويا آهن.اچو ته ڪا ڳڻ ڳوت ڪريون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اقتدار ۽ اخلاقي پستي

مهتاب اڪبر راشدي اقتدار ۽ هوس اقتدار اهڙي ته بڇڙي شئيَ آهي، جيڪا چڱن ڀلن …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي