21 منگل , نومبر 2017

ايم ايڇ پنهور: سنڌ جو سائنسي تاريخدان

فاروق بجاراڻي

سنڌ ڌرتيءَ جو مشهور تاريخدارن، سائنسدان، زراعت ۽ آبپاشيءَ جو ماهر انجنيئر ايم ايڇ پنهور 25 ڊسمبر 1925ع تي دادو ضلعي جي ڳوٺ ابراهيم پنهور ۾ پيدا ٿيو. سندس پورو نالو محمد حسين پنهور هو. شروعاتي تعليم کانپوءِ هن 1949ع ۾ ڪراچيءَ جي (NED) انجنيئرنگ ڪاليج مان انجنيئرنگ ڪئي ۽ پوءِ 1953ع ۾ آمريڪا جي Wisconson يونيورسٽيءَ مان زرعي انجنيئرنگ ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي. پنهور صاحب ڪافي عرصو سنڌ گورنمينٽ ۽ ويسٽ پاڪستان گورنمينٽ ۾ زرعي مشينريءَ جي انجنيئر طور ڪم ڪيو، جنهن دوران زمين جي ليول ۽ زمين جي تَهن هيٺ موجود مٺي پاڻيءَ تي ڪافي تحقيق ڪري، پنهنجي مشاهدي کي 10 ڪتابن ۾ قلمبند ڪيو، جن مان سڀ کان مشهور “Ground water in Sindh” آهي، جيڪو اڄ تائين ان شعبي جي تحقيق ۾ هڪ مستند حوالي ۽ رهنمائيءَ طور استعمال ٿئي ٿو.

پنهور صاحب سنڌو درياهه جي گذريل هزارن سالن کان وٺي مٽجندڙ وهڪرن، واهن ۽ سنڌ جي آباديءَ جي تاريخ تي به هڪ تفصيلي ڪتاب (Six thousands years History of Irrigation) لکيو. ان کانپوءِ پنهور صاحب زرعي جنسن تي به ڪافي تحقيق جو ڪم ۽ مختلف ميون جون اٽڪل 25 نيون جنسون متعارف ڪرايو. پنهور صاحب زرعي سائنسدان ۽ آبپاشيءَ جو ماهر هجڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي تاريخ تي سائنسي انداز ۾ وڏو تحقيقي ڪم ڪيو ۽ روايتي ڏند ڪٿائن ۽ لوڪ قصن، ڪهاڻين ۽ بيتن تي ڀاڙڻ بدران سنڌ جي هزارن سالن جي تاريخ جي سائنسي، عقلي پئمانن ۽ دليلن جي بنياد تي ڇَنڊڇاڻ ڪئي ۽ اهو ئي سبب آهي جو پنهور صاحب جي تحقيقي ڪم تي شايد ئي ڪو آڱريون کڻي سگهي.

پنهور صاحب انجنيئرنگ ۽ زراعت تي اٽڪل 80 مضمون ۽ ڪتاب لکيا ۽ سنڌ جي تاريخ تي اٽڪل 100 تحقيقي مضمون به لکيا ۽ سائنسي تحقيق تي اٽڪل 50 مقالا به لکيا.

پنهور صاحب دنيا جي انهن تاريخدانن مان هڪ آهي، جنهن دنيا جي تاريخ ۽ انساني سماج تي موسمي تبديلين جي ڪري پوندڙ اثرن طرف به ڌيان ڇِڪايو. پنهور صاحب کي علمي، تاريخي ۽ سائنسي تحقيق جي مڃتا طور 1992ع ۾ ”ستاره امتياز“ جو ايوارڊ به ڏنو ويو.

پاڻ 21 اپريل 2007ع تي وفات ڪيائين. سندس ورسي جي موقعي تي ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته، پنهور صاحب جو سڄو تحقيقي مواد ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي، انهيءَ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو وڃي. سنڌ جي ثقافت کاتي، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري توڙي خانگي ادارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ته جيئن هڪ عام سنڌ واسيءَ تائين به پنهور صاحب جو سنڌ بابت ڇڏيل ناياب تحقيقي ڪم سولائي سان پهچي سگهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

خيرپور روڊ حادثو ۽ ذميوار ڪير …؟

اڪبر بخاري دنيا جي وجود کان هن وقت تائين خوفناڪ ۽ دردن سان ڀريل واقعن جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے