25 آچر , جون 2017

مشعال جو قتل ۽ معاشري ۾ تربيت جي کوٽ

وحيد ڳاهو

عبدالولي خان يونيورسٽي مردان جي هن دل ڏکوئيندڙ واقعي هڪ ڀيرو ٻيهر ان ڳالهه کي ثابت ڪري ڇڏيو ته اسان جي تربيت واري ماحول ۾ هڪ وڏي وٿي موجود آهي جيسيتائين اها وٿي ڀرجي نٿي سگھي واقعن پٺيان واقعا ۽ حادثن پٺيان حادثا ٿيندا رهيا آهن. منهنجو سوال اهو هرگز ڪونهي ته  هن نوجوان جي قتل جي لڱ ڪانڊاريندڙ وڊيو ۾ نظر ايندڙ غير سياسي ۽ بهترين پوليس ان ٿيندڙ ظلم کي روڪڻ لاءِ ڪي جوڳا قدم ڇو ڪو نه کنيا؟نه ئي مونکي ڪا دلچسپي آهي ته انهن ظالمن کي پڪڙڻ لاءِ خيبرپختونخواهه جي حڪومت ڇا پئي ڪري ؟ مون کي ته فقط ڏک ان ڳالهه جو آهي ته هي واقعو ڪنهن ٻهراڙيءَ جي ڳوٺ يا علائقي ۾ پيش اچي ها ته شايد اسان هن عمل کي تعليم جي گهٽتائي قرار ڏئي نظر انداز ڪري ڇڏيون ها پر هي واقعو ته هڪ درسگاهه ۾ پيش آيو آهي جنهن درسگاهه ۾ هڪ نوجوان پنهنجي دوستن هٿان دردناڪ موت ماريو ويو ان درسگاهه ۾ ڪهڙي قسم جو نصاب هو، ڪهڙي قسم جي تعليم ڏئي ڪهڙو ماحول جوڙيو پئي ويو . مشعال خان جو قتل حقيقت ۾ اسان جي معاشري ۽ اسان جي احساسن جو موت آهي. مون کي افسوس ته ولي خان يونيورسٽي جي انتظاميا جي نااهلي، غفلت ۽ حقيقت کي لڪائڻ تي آهي، جيڪا مشعال کي هاڻي بيگناهه قرار ڏئي رهي آهي.

هي ڪهڙو معاشرو آهي، هيءَ ڪهڙي انسانيت آهي، انسان! انسان ته اشرف المخلوقات آهي يعني قدرت جي مخلوقات ۾ افصل مخلوق آهي، اسان ڪهڙي زماني پيا رهون، اسان، ايڏا اسلام تان فدا ٿيڻ وارا ٿي ويا آهيون، جو رڳو ٻُڌ سُڌ تي ته فلاڻي شخص گستاخي ڪئي آهي، کيس جهنم حوالي ڪرڻ لاءِ جلدي پهچون، اهو ٻڌي اسان کير ۾ پاڻي ملائي وڪرو ڪندڙ مسلمان، گڏهه جو گوشت وڪرو ڪندڙ مسلمان، رشوت جي پئسن سان کيسا ڀريندڙ مسلمان ، وياج جو ڪاروبار ڪندڙ مسلمان ،شراب جون محفلون سجائيندڙ مسلمان الله اڪبر جي نعرن سان ڏنڊا، لٺيون، سرون هٿن ۾ کڻي بنا تصديق جي الزام مڙهي ڪنهن پوڙهي پيءُ جي سهاري، هڪڙي پوڙهيءَ ماءُ جي اکين جي نور کي زندگيءَ جھڙي حسين نعمت کان محروم ڪري خوش ٿا ٿيون ته الله اسان سان ڏاڍو راضي ٿيندو. مون کي ته تعجب آهي ته، الله اسان کي اڃا به ڊگهو رسو ڇو ڏيون ويٺو آهي؟ اهو مِٺو رب، جيڪو اهو ٿو چوي ته توهان پنهنجا فرض پورا ادا نه ڪيو ته مان انهن جي ته توهان کي معافي ڏئي سگهان ٿو، پر جي توهان منهنجي مخلوق کي آزاريو، ته توهان کي ان جي معافي نه ٿي ملي سگھي.  هڪ دفعي نبي ڪريم صه جڏهن مديني ۾ هئا ته هڪ ڏينهن ويجھڙائي واري رستي کان هڪ جنازو پئي گذريو. ماڻهو هڪ ميت کي قبرستان ڏانهن کڻي وڃي رهيا هئا، ان وقت رسول الله صه جن ويٺل هئا، جنازو ڏسي پاڻ صه ان جي احترام ۾ اٿي بيٺا، نبي ڪريم صه جي هڪ ساٿيءَ چيو ته اي الله جارسول صه !هي ته هڪ يهودي جو جنازو هو (نڪي ڪنهن مسلمان جو ) نبي ڪريم صه فرمايو” ڇا هو انسان نه هيو“ (فتح الباري بشرح صحيح بخاري 214/3 ) . اميرالمومنين امام علي عليه السلام پنهنجي هڪ نمائندي کي حڪم ڏنو ته هو صرف مسلمانن سان ئي نه، بلڪ سڄي عوام سان عدل ۽ برابري جو سلوڪ ڪري ڇو ته سماج جي ٻن گروهن مان هڪ گروهه تنهنجو ديني ڀاءُ آهي پر ٻيو گروهه خلقت ۾ تو جھڙو آهي. اسان جي پياري نبي صه اهڙي تعليم ته ڪو نه ڏني آهي پوءِ هي ڪهڙا ماڻهو آهن جيڪي رسول الله صه جي نالي تي انسانيت جي تذليل ۽ بي حرمتي ڪرڻ ۾ جانور بڻجي وڃن ٿا! جيڪو مذهب جانور کي ذبح ڪرڻ وقت ان کي تڪليف ڏيڻ کان به منع ڪري ان مذهب کي مڃڻ وارا ڪيئن ڪنهن انسان کي تڪليف ۽ اذيتون ڏئي ماري سگھن ٿا !  ان مان واضع آهي ته انسانيت جو احترام ۽ ان جي معياري اصول کي تسليم ڪرڻ اسان جي مذهب جي تعليم ۽ حڪمن جي مطابق آهي.

هن سماج ۾ جو هر فردپاڻ کي جج سمجھي ڪير ڪافر آهي،ڪير گستاخ ۽ بدعنوان آهي اهو طئي ڪرڻ لاءِ نه ئي شاهدن ۽ دليلن جي ، رياست پاران ٺاهيل قانون جي ڪا ضرورت نه آهي، جڏهن ته سڄي دنيا ۾ قانون ان لاءِ ٺاهيو ويندو آهي ته جيئن رياستي نظام جو امن امان قائم ڪري ملڪي نظام بهتر نموني سان هلائي سگھجي ۽ قانون جي خلاف ورزي ڪندڙن کي سزائون ڏئي سگھجن. قانون تي عمل ڪرائڻ حڪومت جي ذميداري هوندي آهي ۽ قانون جي خلاف ورزي ڪندڙن کي سزا ڏيڻ صرف عدالتن جي ذميواري هوندي آهي .عام ماڻهو فقط ڏوهه جي نشاندهي ڪري سگھي ٿو ،ڏوهه روڪڻ ۾ حڪومت جي مدد ڪري سگھي ٿو پر سزا ڏيڻ جو اختيار عام ماڻهو جي هٿ وس نه آهي ۽ جڏهن عدالتن کان مٿانهان ٿي سزا عام ماڻهو ڏيڻ لڳن ته اهو عمل سڌوسنئون ڏوهه جي زمري ۾ اچي ٿو. اهڙي عمل سان معاشري ۾ شر پيدا ٿي پوي ٿو جنهنڪري سڄو معاشرو تباهي ۽ بربادي جي طرف وڌي پوي ٿو، جيڪڏهن ڪٿي اهڙيون حالتون پيدا ٿي پون جھڙيون بدقسمتي سان اسان جي ملڪ  ۾ ٿي رهيون آهن ته ان صورت ۾ حڪومت پاڻ به ۽ عوام کي به قانون تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ ۽ ڪرائڻ جي پابند هوندي آهي. بدقسمتي سان اسان جا ادارا ۽ حڪمران نه پاڻ سئو سيڪڙو قانون تي عمل ڪندا آهن ۽ نه ئي عوام کان عمل ڪرائي سگھندا آهن .جڏهن ڪنهن به قسم جو مسئلو پيدا ٿي پوندو آهي ته پنهنجي ڪمزورين کي لڪائڻ جي لاءِ عجيب عجيب بيان بازي کان ڪم وٺي معاملي جي ٺري وڃڻ جو انتظار ڪندا آهن!

هتي ته مسلمانن کي به نه ٿو بخشيو وڃي ،مسلمان مسلمان تي الزام مڙهي،هن فلاڻي هستيءَ جي جي شان ۾ گستاخي ڪئي آهي ،قرآن ڪريم جي توهين ڪئي آهي جيستائين معاملو عدالتن ۾ پهچي ان کان اول ئي ڪو مجاهد ان کي واصل جھنم ڪري پاڻ جنت حاصل ڪري ٿو وٺي . اصل ڳالهه اسان جي جذباتي ٿيڻ جي آهي ڪنهن به ڳالهه جي تهه تائين پهچڻ کان پهريان ڪنهن به ڳالهه جي تحقيق جي بغير اسان بس ڪنهن تي به توهين جو الزام لڳائي قانون جون حدون اورانگي عظيم گناهه ڪري ويهي ٿا رهون. ڳالهه جي تحقيق نه ڪرڻ انتهائي غير اسلامي عمل آهي جنهن جي  سختي سان منع ڪئي وئي آهي. توهين واري قانون جي آڙ ۾ ڪيترائي شرپسند عناصر فائدو حاصل ڪن ٿا ۽ قانون جو غلط استعمال ڪندي ذاتي  دشمني تحت هن قانون جو سهارو وٺن ٿا جيڪا سراسر غلط ڳالهه آهي . گھٽ ۾ گھٽ توهين جي مجرم کي عدالت تائين رسائي ته ملڻ گھرجي خبر  پوي ته واقعي ڏوهي آهي يا نه؟ هتي ته الزام هيٺ آيل کي ڏوهي قرار ڏئي عدالت کان مٿانهون قتل ڪري جنت جي ٽڪيٽ حاصل ڪئي ٿي وڃي. مسئلو قانون جو نه پر مسئلو اسان جي صبر،تربيت ۽ درگذر ڪرڻ جو آهي . پنهنجي اندر صبر، برداشت ۽ درگذر جو مادو پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ۽ الله ۽ ان جي رسول صه جي ڏنل تعليم تي مڪمل عمل ڪريون ۽ جيڪڏهن ڪو به فرد توهين مذهب جي الزام هيٺ اچي ٿو ته ان لاءِ ملڪ ۾ قانون موجود آهي . هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته هن قانون جي تحت جن فردن کي سزا ڏني وئي آهي ڇا انهن ۾ وڏو تعداد انهن ماڻهن جو آهي جيڪي بيگناهه هئا؟جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ هي قانون جوابدارن جي بجاءِ بي گناهن کي سزا ڏئي رهيو آهي. ان صورت ۾ قانون جي استعمال کي بهتر ڪري سگھجي ٿو. جيڪڏهن توهين رسالت جي قانون جي تحت ڪنهن کي سزا ملي آهي ته ظاهر آهي عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڏني هوندي. باقي عدالت کان مٿانهون قتل هن قانون جي تحت ناهي . ڇو ته هي قانون گورنمينٽ آف پاڪستان جو جوڙيل آهي ۽ گورنمينٽ آف پاڪستان جي قانون تحت پاڪستان جون عدالتون ئي سزا ڏيڻ جو قانوني حق رکن ٿيون ،عام ماڻهوءَ کي سزا ڏيڻ جو ڪو به اختيار نه آهي . جيڪڏهن ڪو به عام ماڻهو عدالت کان مٿانهون قدم کڻي ڪنهن کي سزا ڏئي ٿو ته پاڪستان جي قانون موجب هو پاڻ مجرم آهي.

ان لاءِ ضروري آهي ته مشعال خان جيڪڏهن گستاخ هو ته ان تي به توهين اسلام موجب ڪيس هلائي تمام سائنسي علم آزمائي حقيقت معلوم ڪئي وڃي جيڪڏهن هو واقع گستاخ نڪري ته سندس لاش کي قبر مان ڪڍي ان کي قانون مطابق ڦاسي ڏني وڃي، پر ان سان گڏوگڏ رياستي قانون ۽ مشعال جي قتل جي الزام جو به ڪيس هلايو وڃي ان ۾ يونيورسٽي انتظاميا کي شامل ڪيو وڃي ۽ انهن کان تحريڪ هلائيندڙن، ڏنڊا هڻائيندڙن، ورغلائيندڙن کي به انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو وڃي ۽ انهن منهنجان جيڪو به قصور وار نڪري تنهن کي به مشعال خان جي لاش سان گڏ لٽڪايو وڃي ته جيئن رياستي انصاف جون گھرجون پوريون ٿي سگھن.  ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته اسان ڪڏهن سوچيو آهي هن ملڪ جي رهواسين جي اسان تربيت ڪهڙي پيا ڪريون. ڪنهن سياسي ليڊر اهو سوچيو ته اسان پنهنجي نئين نسل جي ذهنن ۾ ڪهڙو فڪري فصل پوکي رهيا آهيون. بدقسمتي سان مون سميت اسان جي نوجوان نسل جا هيروز شاهه رخ خان، مائرا خان، آرنلڊ وين ڊيم آهن ! تمام ٿورڙن جا هيروز مولانا رومي، بو علي سينا، ارسطو، سقراط آهن، جيڪڏهن اسان جي حڪمرانن کي عوام جو هيرو ٿيڻو آهي ته هو قوم جي ذهن سازي ۽ ڪردار سازي تي وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏين ،ڇو ته ڪردار ۽ برداشت کان خالي معاشرو رهڻ جي قابل نه ٿو رهي  نه ئي اهڙو معاشرو ڪنهن کي قابلِ قبول هوندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاناما ليڪس ۽ ادارن جي ٿيندڙ بدنامي

صاحب خان ڀٽي تحريڪ انصاف ۽ نواز ليگ سرڪار  پاناما ليڪس واري معاملي تي هڪ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي