27 خميس , جولاءِ 2017

اسڪولن جي چونڊ ڪرڻ والدين لاءِ هڪ وڏو مسئلو

اشرف  لاريب

1980ع ۾ جڏهن سنڌ ۾ نوان پرائيويٽ اسڪولن جو رواج پوڻ شروع ٿيو، تنهن زماني ۾ سنڌ ۾ پيلي اسڪولن ۾ سرڪاري اسڪول ڪاميابيءَ سان هلندا هئا، انهن پيلي رنگ ۾ قائم اسڪولن جي تعليمي معيار تي نظر وجهجي ته هاڻوڪي وڏن وڏن نالن سان قائم اسڪولن جي معيار کان ڪنهن به طرح اهي سرڪاري اسڪول گهٽ نه هئا. ان زماني ۾ڇوڪرا خاڪي رنگ جو يونيفارم پهريندا هئا ۽ ڇوڪريون هلڪي نيري رنگ جي قميص ۽ اڇي شلوار ۽ اڇو رئو پهري جڏهن اسڪول وينديون هيون ته سماجي مت ڀيد کان بالاتر تعليمي عمل جاري رهندو هو. ان زماني ۾ جيترا وسيلا گهٽ هئا ته مسئلا به تمام گهٽ هوندا هئا. هينئر جيتريون سهولتون وڌي ويون آهن، ان جي ڀيٽ ۾ سماجي مسئلا به اڪيچار ٿي ويا آهن. خاص طور تي پاڪستان ۾ تعليم جتي ڏني وڃي، اتي والدين جن مصيبتن جو منهن ڏسن ٿا اهو ڪنهن کان لڪل نه آهي. جڏهن کان سرڪاري اسڪولن جو ٻيڙو ٻوڙڻ جو منصوبو جوڙيو ويو، تڏهن کان اسان جي سنڌ ۾ تعليمي شعبو تباهيءَ جو شڪار ٿي ويو آهي. هينئر پوري ملڪ ۾ جيترا پرائيويٽ اسڪول هر گهٽي گهٽي ۾ کلي ويا آهن اوتري ئي ناخواندگي، بدامني، بي چيني، بداخلاقي جو معاشرو شڪار آهي. جيڪي ماڻهو ڪو ٻيو ڪاروبار نٿا ڪري سگهن، انهن کي سستو ۽ ڪامياب ڪاروبار اسڪول کولڻ لڳندو آهي. اهوئي سبب آهي جو تعليم ڏينهون ڏينهن مهانگي ۽ عام ماڻهن جي پهچ کان پري ٿيندي پئي وڃي.

والدين پڻ اڄ ڪلهه پنهنجي ٻارن جي تعليم لاءِ تمام گهڻا پريشان آهن، انهن لاءِ پنهنجي ٻارن لاءِ اسڪول جو جي چونڊ ڪرڻ وڏو مسئلو ٿي ويو آهي، خاص ڪري تمام گهڻا غريب ماڻهو پريشاني کي منهن ڏين ٿا ٻيا اهي والدين جيڪي سفيد پوش آهن جن جي آمدني جا وسيلا محدود آهن هڪ ته والدين سستي ۽ معياري تعليم چاهين ٿا ٻيو ته اسڪول جو ماحول امن ۽ سلامتي وارو هجڻ اوليتن ۾ شامل ڪن ٿا، ٻيو ته اسڪولن ۾ جيڪو سليبس پڙهايو وڃي ٿو، اهو هڪ ته نيشنل ڪريڪيولم مطابق هجي، ٻيو ته ان سليبس ۾ اهڙو مواد هجي جيڪو پاڪستاني ثقافت ۽ گهرجن پٽاندڙ هجي. ان جي ابتڙ  نالي وارن اسڪولن ۾ سليبس هڪ ته ٻاهرين ملڪن جو ڇپيل پڙهايو وڃي ٿو، ان کي Standard جو نالو ڏنو وڃي ٿو ۽ والدين جن جا ٻار نالي وارن اسڪولن ۾ پڙهن ٿا سي وڏي فخر سان تقريبن ۾ ڀر ۾ ويٺل مٽن مائٽن کي ٻڌايئندا آهن ته اسان جا ٻار او ليول اي ليول، ڦلاڻي ڦلاڻي اسڪولن ۾ پڙهن ٿا. ڪا معمولي ڳالهه ته نه آهي. ان جي ابتڙ جن والدين جا ٻار سرڪاري اسڪول يا گهٽ في وارن اسڪولن ۾ پڙهندا آهن انهن ٻارن جا والدين شرمندگي ۽ احساس ڪمتري ۾ رهندا آهن.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته معاشري جي ان اڻ برابري واري روش کي ڪيئن ختم ڪيو وڃي ۽ والدين جي پريشاني ڪيئن ختم ڪجي، جو هڪ ته اهي پنهنجي ٻارن جي بهتر تعليم ۽ تربيت ڪري سگهن. ان مسئلي جي حل لاءِ اسان سڀني کي پنهنجي پنهنجي طور تي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. پنهنجي معاشري ۾ آس پاس ۾ قائم اسڪولن ۾ تعليم ۽ تربيت جو معيار پرکڻو پوندو. ڪاروباري لحاظ سان قائم اسڪولن جي نشاندهي ڪرڻي پوندي. جيڪي اسڪول نقل /ڪاپي جو سهارو وٺي والدين کي سندن ٻارن جي پوزيشن ڏيکاري خوش ڪرڻ جي چڪر ۾ هوندا آهن ۽ رزلٽ Display ڪري عوام کي ڏيکاريندا آهن ۽ بيوقوف بڻائيندا آهن، انهن جي ڪردار کي وائکو ڪرڻ گهرجي. ان لاءِ والدين کي پاڻ پنهنجي ٻارن جي تعليم ۽ تربيت تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، جن ادارن ۾ امتحانن ۾ ڪاپي ڪرائڻ جو لاڙو آهي، انهن ادارن ۾ پنهنجن ٻارن کي داخل نه ڪرائڻ گهرجي، صحيح معنيٰ ۾ اهي اسڪول آهن جيڪي ايمانداري سان مناسب في وٺن ٿا، جتي ڪابه تعليمي ڪرپشن نه هجي، جهڙن اسڪولن ۾ پنهنجي ٻارن کي داخل ڪرايو وڃي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اڄ اسان پنهنجي ٻارن جو لاڙو ڪاپي ڪلچر تي ۽ رشوت وٺڻ يا ڏيڻ تي سمجهوتو ڪيو ته مستقبل ۾ ان جي اسان کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي ۽ معاشري ۾ بگاڙ ۽ اڻ برابري واري فضا قائم رهندي.

وڏن نالن وارا اسڪول صرف تعليم ڏين ٿا، حقيقي تربيت گهر کان ۽ ماءُ کان شروع ٿئي ٿي ۽ تربيت جي انتها ماءُ ۽ گهر جي ماحول تي ئي ختم ٿئي ٿي. باقي اسڪول ڪهڙا به هجن ڪيتري به ڳري في وارا ڇو نه هجن، انهن سان ڪوبه فرق نٿو پوي. ان لاءِ اهو ضروري آهي ته معاشري ۾ مثبت سوچ پيدا ڪجي ۽ پنهنجي ٻارن کي اهڙي تعليمي اداري ۾ داخلا ڏيارجي جتي ڪاپي ڪلچر، ٽيوشن، ڳري فيس جهڙي ناسور جي عمل دخل جو تصور به نه هجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

برطانيا ۾ زندگي کان موڪلائڻ جو حق ملڻ جو ڪيس هلندڙ

تنوير زمان خان لنڊن هڪ اڳوڻي ليڪچرر، برطانيه جي هاءِ ڪورٽ ۾ ”معاون موت“ (ASSISTED …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي