30 اڱارو , مئي 2017

ڇا نورين واقعي دھشتگرد آھي؟؟

شھزاد منڱلو

اچو ته پھريان انھيءَ ڳالھه تي غور ڪيون ته نورين لغاري ھڪ دھشتگرد ڪيئن ثابت ٿي؟ نورين فيبروري جي پھرين ھفتي دوران يونيورسٽي ويندي لاپتا ٿي، سندس وارثن ڳولا دوران اين-سي داخل ڪرائي ان بعد ايف-آءِ-آر ڪٽي وئي. ان دوران ئي نورين بابت خبرون سوشل ميڊيا تي گردش ڪرڻ لڳيون. ھڪ اڌ ڏينھن گذرڻ بعد نورين جي ڪھاڻيءَ ۾ سنسني خير موڙ تڏھن آيو، جڏھن حيدرآباد پوليس پاران اھا ڳالھه پڌري ڪئي وئي ته نورين جي لاھور وڃڻ جون ٽڪيٽون مليون آھن. ھڪ ڏينھن گذرڻ بعد ئي نورين پاران فيس بڪ (سماجي رابطن جي ويب سائيٽ) جي ھڪ نامعلوم اڪائونٽ وسيلي سندس گھرڀاتين سان رابطي جي خبر پڻ منظرِ عام تي آئي. جنھن ۾ اھا ڳالھه پيش ڪئي وئي ته ‘ آءُ (نورين) خلافت جي سرزمين تي پھچي چڪي آھيان’، جنھن پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا  تي نورين کي ھڪ اھم خبر جو درجو وٺرائي ڏنو. نورين 2 مھينن تائين گم رھي ۽ اچانڪ 3 ڏينھن اڳ لاھور جي ھڪ رھائشي علائقي مان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارروائي بعد سندس جي ھٿ ٿيڻ جي خبر آئي. جنھن بعد ستت ئي ھڪ اعترافي بيان جو ويڊيو، پاڪستاني فوج جي ترجمان جي پريس ڪانفرنس سان ملڪي ميڊيا تي گردش ڪرڻ لڳو جنھن ۾ نورين ان سڄي وارتا جو اقرار ڪري رھي ھئي ۽ تنھن بعد اسانجي سماجي حلقن، ادبي لڏي ۽ ڪالم نگارن نورين کي دھشتگرد تسليم ڪندي ان جي سببن بابت ويچارڻ شروع ڪيو، ڪن سندس خاندان، ڪن يونيورسٽيءَ ته ڪن اسانجي سماج کي ان جو مڪمل ذميوار ٺھرائي پنھنجي اندر جي باھ لفظن وسيلي اوڳاڇي سک جو ساھ کنيو!

اتي چند سوالن کي اٿارڻ آءٌ نھايت ضروري سمجھان ٿو جنھن سان ھن معاملي کي اڃا به وڌيڪ واضح نموني سمجھي سگھجي ٿو.

  1. ڪھڙو ڪارڻ آھي ته ھڪ ڏينھن اڳ لاھور جي ٽڪيٽ ملي ۽ اڳئين ڏينھن نورين جو رابطو به ٿي ويو؟
  2. ڪھڙو ڪارڻ آھي ته نورين جي وارثن، يونيورسٽي انتظاميا جي مدد ۽ صلاح کانسواءِ ئي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خودساخته بنياد تي نورين جي ڪيس کي سلجھائڻ چاھيو؟
  3. ڪھڙا ثبوت آھن جن بنيادن تي شروعاتي جاچ آفيسر نورين کي اسڪولي ۽ ڪاليجي دور کان ئي شدت پسند موقف جو ڄاڻايو پئي؟
  4. شروعاتي جاچ آفيسر مطابق نورين بذات خود ڪنھن ھم جماعت ڇوڪريءَ کي شدت پسند جماعتن سان رابطي بابت ٻڌايو ھو، ڪھڙو ڪارڻ آھي ته ان اھم گواهه کي اڃا تائين ظاھر نه ڪيو ويو آھي؟
  5. ڪھڙو ڪارڻ آھي ته نورين مذھبي شدت پسند ھئڻ باوجود به ھندو مذھب سان واسطو رکندڙ ڇوڪرين سان دوستي برقرار پئي رکيو آئي؟
  6. ڪھڙو ڪارڻ آھي ته لاھور ۾ ڪيل ڪارروائي پوليس پاران ڪئي وئي جڏھن ته ان لاءِ پريس ڪانفرنس پاڪستاني فوج جي اھم عھدي تي فائز ڪنھن جنرل کي ڪرڻي پئجي وئي؟
  7. ڪھڙو سبب آھي ته نورين جي والد جي ھڪ اپيل تي ملڪ جي حساس اداري ايم-آءِ ان حد تائين تحرڪ ۾ اچي وئي جو بقول سندن جي ته افغانستان مان ڳجھا اطلاع پڻ حاصل ڪيائون، ڪڏھن کان عام شھرين جي اپيلن جو ايترو تڪڙو تدارڪ ٿيڻ لڳو آھي؟
  8. ڪھڙو ڪارڻ آھي ته نورين لغاري کي جنھن مقابلي بعد ھٿ ڪيو ويو تنھن ۾ مارجي ويل دھشتگرد جو نالو، تصوير ۽ تفصيل پڌرا نه ڪيا ويا آھن؟
  9. ڪھڙو ڪارڻ آھي ته نورين (جنھن کي خودڪش بمبار ليکيو وڃي ٿو) پنھنجي يونيورسٽي ڪارڊ، والد جي سڃاڻپ ڪارڊ ساڻ ڪري شام، عراق مان گھمندي ڦرندي دھشتگردي جي منصوبي تي عمل درآمد ڪرڻ دوران به انھن کي سانڍيو پئي آئي؟
  10. ڪھڙو سبب آھي ته کيس ميڊيا آڏو آڻڻ بجاءِ ويڊيو بيان کي ئي منظرِ عام تي آندو ويو؟
  11. ڪھڙا سبب آھن جو سندس پاسپورٽ، ويزا يا سفر ڪرڻ بابت ڪا به ڄاڻ منظرِ عام تي نه آندي وئي آھي؟
  12. ڪھڙو ڪارڻ آھي ته جھاد لاءِ ذھني طور تيار ٿيل ڪا ڇوڪري چند ڪلاڪن جي پڇا ڳڇا بعد جھاد کي دھشتگردي تسليم ڪرڻ ۾ ھٻڪ به محسوس نٿي ڪري؟
  13. ڪھڙو ڪارڻ آھي ته کيس اڃا تائين ڪنھن به ڪورٽ ۾ پيش نه ڪيو ويو آھي؟
  14. ڪھڙو ڪارڻ آھي ته نورين جي بازيابي عين ان وقت ٿي جڏھن مشعال خان جھڙو انسانيت سوز واقعو ٿيو آھي؟
  15. ڪھڙو ڪارڻ آھي ته نامور قلمڪار، ڪالم نگار ۽ صحافي فقط ھڪ ويڊيو جي پيش نظر نورين لاءِ يا ته ڳوڙھا ڳاڙيندا نظر اچن ٿا يا سندس لاءِ نازيبا الفاظ استعمال ڪندي پنھنجي جذبن جو اظھار ڪن ٿا؟ ڇا ايترو جلدي کين ان ڳالھه جو مڪمل يقين ٿي ويو ته نورين دھشتگرد ٿي چڪي آهي؟
  16. ڪھڙو ڪارڻ آھي ته ڪو ھڪ به اھڙو تحقيقاتي صحافي سنڌ ۽ پاڪستان اندر موجود نه آھي جيڪو نورين ڪيس کي پيش ٿيندڙ زاويي کان مختلف انداز ۾ ڏسي ڪا اڳڀرائي ڪري سگھي؟
  17. ڪھڙو ڪارڻ آھي ته داعش جھڙي تنظيم اخبارن جي سرخي بڻيل مشھور ڇوڪري کي ڪنھن ڪارروائي لاءِ سندس ئي مُلڪ موٽائي موڪليو جتي سندس سخت تلاش جاري ھجي؟

انھن سڀني سوالن سميت اڃا به ٻين ڪيترن ئي خدشن ۽ سوالن جي حل ٿيڻ کانسواءِ نورين جھڙي ڪنھن به معصوم سنڌي ڇوڪري کي دنيا جي خطرناڪ ترين دھشتگرد .تنظيم داعش جي ميمبر طور قبول ڪيئن ڪجي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊرون جهڙي بجيٽ۽ سنڌ جو عوام

صاحب خان ڀٽي وفاقي سرڪار نئين مالي سال جي بجيٽ جو اعلان ڪري هڪ مهانگائي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي