23 آچر , جولاءِ 2017

عوامي آواز : قومي تحريڪ کي تاريخ ۾ رڪارڊ ڪرڻ گهرجي: عبدالخالق جوڻيجو | پروگرام : تخليق

هي آتم ڪٿا ان ضرورت تحت لکي آ، تاريخ لکندڙن کي مدد ڏيندي

عبدالخالق جوڻيجي غيرجانبداراڻي نموني آتم ڪٿا لکي آهي: امان الله شيخ

هن آتم ڪٿا سياسي ادب جي کوٽ کي پورو ڪيو آهي: پروگرام تخليق ۾ اظهار

ڪراچي (ٽي وي نيوز): قومپرست اڳواڻ، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين، ترقي پسند ليکڪ ۽ دانشور عبدالخالق جوڻيجي چيو آهي ته مان قومي تحريڪ جي هڪ وڏي دور ۽ حصي کي ريڪارڊ تي آڻڻ لاءِ آتم ڪٿا لکي آهي، جيڪا تاريخ لکڻ وارن کي ضرور مدد ڏيندي. اهڙو اظهار هن عوامي آواز ٽي وي جي ادبي پروگرام ”تخليق“ ۾ پنهنجي آتم ڪهاڻي تي ٻڌل ڪتاب ”پوري زندگي اڻپوري جدوجهد“ تي ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته هي ڪتاب سياسي ادب جي بحالي جي به هڪ ڪوشش آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ خالق جوڻيجي چيو ته آتم ڪهاڻي جي هن ڪتاب جو هي پهريون حصو آهي ۽ ٻيو حصو به جلد آڻيندم. آتم ڪٿا جو پهريون حصو 1995ع تائين محدود آهي. يعني سائين جي ايم سيد جي زنده هجڻ واري قومي تحريڪ جو ريڪارڊ آهي ۽ ٻيو حصو سائين کانپوءِ وارين حالتن جو عڪاس هوندو. خالق جوڻيجي چيو ته منهنجي آتم ڪٿا واقعن تائين محدود ناهي پر اُها تجزياتي آهي. سياسي ڪمينٽ به آهي ۽ هي ڪتاب اسانجن سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي اٿاهه مطالعي ڏانهن واپس اچڻ تي زور به ڀريندو. هن چيو ته مان سائين جي ايم سيد ۽ ڪامريڊ لينن جي لکڻين کان متاثر ٿي ڳالهيون  واقعا جيئن جو تيئن لکيا آهن ۽ چٽائي لاءِ ائين ڪرڻ ضروري هوندو آهي. عبدالخالق جوڻيجي ان موقعي تي قومي تحريڪ ۾ موجود تنگ نظري ۽ موقعي پرستي کي به ننديو. خالد جوڻيجي جي آتم ڪهاڻي تي ڳالهائيندي ترقي پسند ليکڪ ۽ دانشور امان الله شيخ چيو ته خالق جوڻيجي جي هن آتم ڪٿا جي خاص ڳالهه اها آهي ته اِها هن غيرجانبداراڻي نموني لکي آهي. هن آتم ڪٿا سياسي ادب جي کوٽ پوري ڪئي آهي ۽ قومي تحريڪ جو احتساب ڪيو آهي. هن چيو ته جيڪو ڪتاب روشن خيالي کي هٿي ڏي ۽ انسان دوست هجي تنهن جي آجيان ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سياسي ادب تي ڪتاب نه سرجڻ سبب انتهاپسندي ۽ قدامت پرستي وڌي وئي آهي. امان الله شيخ چيو ته جيڪو ليکڪ سماجي ۽ سياسي پيڙا جو حصو هوندو. ارتقا جي تسلسل ۾ حالتن ۽ واقعن کي ڏسندو سو سياسي ادب ئي سرجيندو. هن چيو ته خالق جوڻيجي معروضي حالتن تحت لکيو آهي، تنهن ڪري هو تبديل ٿيو آهي ۽ هن قومپرست سياست کي عالم سان ڳنڍيو آهي، جيڪا ڪا معمولي ڳالهه ناهي. هڪ سوال جي جواب ۾ امان الله شيخ چيو ته خالق جوڻيجي پنهنجيون غلطيون ۽ ڪوتاهيون به بيان ڪيون آهن، لڪايون ناهن، ان لحاظ کان هي آتم ڪٿا قومي تحريڪ جي آڏي پڇا به آهي.3041

 

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز| نيوز بليٽن ستون / 2017-07-23

*استيعفيٰ ڏيڻ يا نه ڏيڻ وزيراعظم جي مرضي ۽ سياست آهي: مخالف ڌر جو اڳواڻ …

هڪ تبصرو

  1. خالق جوڻيج صاحب جي آتم ڪٿا پڙھي قومي تحريڪ بابت ڏاڍي ڄاڻ ملي آھي جس هجي خالق صاحب کي

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي