28 جمعو , اپريل 2017
نڪور خبرون

آئين جي آرٽيڪل 62 تحت وزيراعظم نااهل ٿي ويو آهي: جسٽس آصف کوسا جو اختلافي نوٽ

Asif saeed khosaاسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پاناما ڪيس جي فيصلي ۾ جسٽس آصف سعيد کوسا اختلافي نوٽ لکيو ته وزيراعظم نواز شريف عوام، قومي اسيمبلي ۾ عوامي نمائندن ۽ سپريم ڪورٽ جي سامهون ايماندار ناهي رهيو، آئين جي آرٽيڪل 62 تحت وزيراعظم نااهل ٿي ويو آهي، اليڪشن ڪميشن وزيراعظم جي قومي اسيمبلي جي رڪنيت ختم ڪري ڇڏي، پاناما ڪيس انهن حڪمرانن لاءِ وارننگ آهي، جيڪي طاقت جو غلط استعمال ڪندا آهن ۽ احتساب جي ادارن کي پنهنجو غلام بڻائي رکيو آهي، جسٽس آصف سعيد کوسا پاناما ڪيس جي فيصلي ۾ اهو اختلافي نوٽ لکيو آهي ته وزيراعظم جي پنگهنجي ٻارن جي لنڊن ۾ ملڪيت جي حوالي سان بيانن ۾ تضادن جو شڪار آهن، 1993 ۽ 1996 ۾ وزيراعظم جا ٻار ان قابل نه هئا ته اهي لنڊن ۾ مهانگي ملڪيت خريد ڪري سگهن، وزيراعظم جي بيانن تي يقين ڪرڻ ممڪن ناهي، وزيراعظم ايماندار ناهي رهيو، نااهل ٿي ويو آهي، اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن بعد اهو وزيراعظم به نه رهندو، صدر مملڪت آئين تحت پارلياماني نظام جي تسلسل لاءِ ضروري قدم کڻي، جسٽس کوسا لکي ٿو ته قطري خط کان اميدون لڳايون ويون ته اهو سڀ الزام ڌوئي ڇڏيندو، پر اهو خط نواز شريف ۽ ان جي ٻارن لاءِ وڌيڪ تباهي جو سبب بڻيو، منهنجي ڄاڻ ۾ طارق شفيع جو بيان حلفي بوگس آهي، چيئرمين نيب قمر زمان چوڌري کي رٽائرمينٽ تائين وزيراعظم جي جاچ کان پري رکيو وڃي، چيف جسٽس کان درخواست آهي ته عملدرآمد بينچ جوڙي، نيب وزيراعظم ۽ سندس ٻارن ۽ اسحاق ڊار خلاف ان ئي بئنچ جي نگراني ۾ جاچ ڪري، اڳوڻي گهرو وزير رحمان ملڪ وٽ موجود ثبوتن جي روشني ۾ به نيب جاچ ڪري سگهي ٿو، جسٽس کوسا لکي ٿو ته ان کي ستم ظريفي سمجهون يا اتفاق ته پاناما ڪيس گاڊ فادر ناول جي ان جملي جي چوڌاري گهمي ٿو ته ”هر وڏي دولت پٺيان ڏوهه هوندو آهي“.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Shehbaz sharif

”هڪ چالاڪ، ٻيو ڪوڙو“ شهباز شريف جي آصف زرداري ۽ عمران خان تي ڇتي تنقيد

لاهور (ويب ڊيسڪ): پنجاب جي وڏي وزير ايوان اقبال ۾ ليپ ٽاپ جي ورهاست واري …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي