27 اڱارو , جون 2017

دپيڪا پڊڪون جي لفٽ ۾ ويٽر سان گڏ جهمر

02ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ڪامياب ترين اداڪارا دپيڪا پڊڪون جي تازي ويڊيو سامهون آئي آهي، جنهن ۾ هوءَ لفٽ ۾ هڪ ويٽر سان گڏ جهمر هڻي رهي آهي پر دپيڪا اهو هڪ اشتهار لاءِ ڪيو آهي. اهو اشتهار مشهور برانڊ ڪوڪا ڪولا جو آهي، دپيڪا پڊڪون جنهن جي سفير پڻ آهي. اهڙي ويڊيو کي بالي ووڊ اداڪارا پنهنجي فيس بُڪ پيج به جاري ڪيو آهي. اشتهار ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته دپيڪا تيزيءَ سان ڪنهن هنڌ وڃي رهي آهي، جتي هوءَ هڪ لفٽ ۾ داخل ٿيندي آهي، جڏهن ته لفٽ ۾ ان سان گڏ هڪ ويٽر پڻ موجود هوندو آهي، ان دوران لفٽ اوچتو خراب ٿي ويندي آهي ۽ دپيڪا کي گرمي لڳڻ شروع ٿي ويندي آهي. ان موقعي تي ويٽر ان کي ڪوڪا ڪولا جي بوتل ڏيندو آهي  ۽ انهن ٻنهي ۾ دوستي ٿي ويندي آهي. ان اشتهار کي سوشل ميڊيا تي لڳ ڀڳ 3 ملين ماڻهو ڏسي چڪا آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه رخ خان ۽ سلمان خان وچ ۾ وري فاصلا وڌڻ لڳا

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي سياستدانن بابا صديقي طرفان گذريل ڏينهن ڏنل افطار پارٽي ۾ شاهه …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي