22 ڇنڇر , جولاءِ 2017

پريانڪا چوپڙا جي فلم ”بي واچ“ جو نئون پوسٽر جاري

01ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ڪامياب ترين اداڪارا پريانڪا چوپڙا جي پهرين هالي ووڊ فلم ”بي واچ“ جو نئون پوسٽر جاري ڪيو ويو آهي. رپورٽن موجب پريانڪا چوپڙا ايڪشن ۽ مزاحيا فلم ”بي واچ“ ذريعي هالي ووڊ ڪيريئر جي شروعات ڪري رهي آهي، جنهن جو نئون پوسٽر جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڀارتي سندري جو ڪلوز اپ شاٽ آهي، جڏهن ته هالي ووڊ سپر اسٽار ڊوائن جانسن (دي راڪ)، زيڪ ايفرون ۽ ٻيا پڻ موجود آهن. پوسٽر تي ”گو اهيڊ اينڊ اسٽيئر“ لکيل آهي. فلم ”بي واچ“ ۾ پريانڪا چوپڙا، وڪٽوريا ليڊز نالي عورت جو ناڪاري ڪردار نڀائيندي نظر ايندي، جيڪا 25 مئي تي سئنيما گهرن جي زينت بڻجندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

بگ باس 11 ۾ مهمان بڻجندڙن جا نالا سامهون اچي ويا

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي ٽي وي جي مشهور پيشڪش ’’بگ باس‘‘ کي شروع ٿيندي ڪافي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي