23 ڇنڇر , سيپٽمبر 2017

جيڪولين جو سلمان خان سان گڏ ڪم کان انڪار

jacolineممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا جيڪولين فرنانڊس دبنگ اسٽار سلمان خان سان گڏ فلم ”جگل بندي“ ۾ ڪم کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. 31 ورهين جي جيڪولين فرنانڊس سينيئر اداڪار سلمان خان سان گڏ فلم ”ڪِڪ“ ۾ ڪم ڪرڻ کان پوءِ شهرت جي بلندين تي پهتي پر هاڻ هن سلمان خان سان گڏ ٻيهر ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو سبب جيڪولين فرنانڊس اهو ڄاڻايو آهي ته مان اڄڪلهه پنهنجي ٻين فلمن ۾ مصروف آهيان ۽ تاريخن جي مسئلن سبب فلم ”جگل بندي“ ۾ ڪم نٿي ڪري سگهان. سلمان خان پنهنجي بئنر هيٺ فلم ”جگل بندي“ تي جلد ڪم شروع ڪرڻ وارو آهي، جنهن ۾ هن مک ڪردار لاءِ جيڪولين فرنانڊس جي نالي تي غور ڪيو پر سندس انڪار کانپوءِ هاڻ دبنگ اسٽار کي ٻي اداڪارا جي ڳولا ڪرڻي پوندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماهرا خان ۽ رنبير ڪپور جي نئين تصوير سوشل ميڊيا تي ڌم مچائي ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز) پاڪستاني ادڪارا ماهرا خان ۽ رنبير ڪپور جون ويجهڙ ۾ ئي وائرل …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي