19 جمعہ , جنوری 2018

عاليا ڀٽ پنهنجي محافظ کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو

000ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ پنهنجي باڊي گارڊ کي شراب پيئڻ جي ڪري نوڪري تان هٽائي ڇڏيو. رپورٽن موجب 24 ورهين جي عاليا ڀٽ پنهنجي ويجهي دوست سڌارٿ ملهوترا جي گهر هڪ تقريب ۾ شرڪت لاءِ پهتي، جتان رات 3 وڳي سندس واپسي ٿي. ان موقعي تي عاليا ڀٽ پنهنجي عملي کي گهرايو، جتي ڊرائيور ته وقت سر پهچي ويا پر سندس سيڪيورٽي گارڊ اچڻ کان انڪار ڪيو، جنهن کانپوءِ عاليا ڀٽ جي زور ڀرڻ تي باڊي گارڊ کيس وٺڻ لاءِ پهتو ته هو شراب جي نشي ۾ ڌت هو. گارڊ کي اهڙي حالت ۾ ڏسي عاليا ڀٽ پريشان ٿي وئي ۽ اڌ رات جو خاموشيءَ سان گاڏي ۾ ويهي سفر شروع ڪيو پر هوءَ جيئن ئي پنهنجي گهر پهتي ته گارڊ مٿان ڏمرجي پئي ۽ هن اهڙي دانهن پنهنجي ماءُ سوني رازدان کي پڻ ڏني، جنهن تي هن باڊي گارڊ کي بنا دير نوڪري تان ڪڍي ڇڏيو. واضح رهي ته ان کان اڳ بالي ووڊ باربي ڊول ڪترينا ڪيف پڻ پنهنجي چرپر بابت ميڊيا کي آگاهه ڪرڻ تي ڊرائيور کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو هو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

صبا قمر پرڏيهي ايئرپورٽ تي پاڻ سان ٿيل زيادتي تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ڪراچي (شوبز نيوز) صبا قمر پاڻ کي ۽ پاڪستاني شهرين کي عالمي ايئرپورٽ تي پيش …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے