19 ڇنڇر , آگسٽ 2017

ڌونيءَ خلاف توهين مذهب جو ڪيس خارج

dhoniنئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي سپريم ڪورٽ اڳوڻي ڪپتان مهندرا سنگهه ڌوني خلاف توهين مذهب وارو ڪيس خارج ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن موجب هڪ رسالي جي ٽائيٽل پيج تي ايم ايس ڌوني کي هندو ديوتا جي روپ ۾ ڏيکاريو ويو هو، جنهن جي هٿن ۾ اهي پروڊڪٽ هئا، جن جو ڌوني ايمبيسڊر آهي. ان ۾ هڪ ڪمپني جا جوتا پڻ هئا، جنهن کانپوءِ ڪرناٽڪ هاءِ ڪورٽ ڌوني خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، ان خلاف ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو ۽ هاڻ ان ڪيس کي بي بنياد قرار ڏيندي خارج ڪيو ويو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي سي بي اڪمل -آرٿر تڪرار ٿڌي دماغ سان حل ڪري: شعيب اختر

لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي اڳوني اسپيڊ اسٽار شعيب اختر عمر اڪمل ۽ هيڊ ڪوچ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي