21 خميس , سيپٽمبر 2017

ڪرس گيل پنهنجي تاريخي بيٽ نيلام ڪندو

gayleراج ڪوٽ (اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊين ڪرڪيٽ ٽيم جو اسٽار آل رائونڊر ڪرس گيل پنهنجي تاريخي بيٽ نيلام ڪندو. ڪرس گيل اڱاري ڏينهن انڊين پريميئر ليگ ۾ گجرات لائنز خلاف رائل چئلينجرز بينگلور جي نمائندگي ڪندي مختصر ترين فارميٽ ۾ 10 هزار رنسون مڪمل ڪيون هيون. ڪرس گيل اهڙو ڪارنامو انجام ڏيندڙ دنيا جو پهريون بيٽسمين پڻ آهي. ان موقعي تي پنهنجي خراب فارم باوجود مداحن طرفان حمايت ڪرڻ تي سندن ٿورا مڃيا ۽ اعلان ڪيو ته جنهن بيٽ سان مان 10 هزار رنسون مڪمل ڪيون آهن، اها نيلام ڪري حاصل ٿيندڙ رقم خيراتي اداري کي ڏيندس.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه لطيف يونيورسٽي ۾ ٽيبل ٽينس مقابلا، عرفان الله ملڪ ۽ نينا خالد جي ٽاپ پوزيشن

خيرپور (ن ع آ) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ اسپورٽس سيڪشن جي انتظام هيٺ هائير ايجوڪيشن …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي