27 خميس , اپريل 2017

شفيع الاسلام جي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ بنگلاديشي اسڪواڊ ۾ واپسي

BANڍاڪا (اسپورٽس نيوز) بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي سليڪشن ڪميٽي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ رڳو هڪ تبديلي ڪئي وئي آهي. بنگلاديش تازو سريلنڪا خلاف سيريز ۾ حصو وٺندڙ اسڪواڊ ۾ رڳو هڪ تبديلي ڪئي آهي ۽ سوباشيش راءِ جي جاءِ تي شفيع الاسلام کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جيڪو فٽنيس مسئلن سبب گذريل سيريز ۾ شامل نه هو. چيمپيئنز ٽرافي لاءِ اعلانيل 15 رڪني بنگلاديشي ٽيم ۾ مشرفي مرتضيٰ (ڪپتان)، تميم اقبال، امرالقيس، سوميا سرڪار، شڪيب الحسن، مشفق الرحيم، محمد الله رياض، صابر رحمان، مصدق حسين، سنجامل اسلام، مستفيض الرحمان، تسڪين احمد، روبيل حسين، مهدي حسن ميراز ۽ شفيع السلام شامل آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

01

فڪسنگ اسڪينڊل: خالد لطيف ٽربيونل اڳيان پيش نه ٿيو، ٦ مهينن تائين پابندي جا امڪان

لاهور(اسپورٽس نيوز) ميچ فڪسنگ اسڪينڊل ۾ مبينا طور ملوث ٿيل رانديگر خالد لطيف پي سي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي