23 آچر , جولاءِ 2017

چيمپيئنز ٽرافي لاءِ آسٽريلوي اسڪواڊ پڌرو، جيمز فالڪنر آئوٽ

faulknerميلبرن (اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ آسٽريليا جي سليڪشن ڪميٽي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ چئن فاسٽ بالرن سان گڏ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن مان ورلڊ ڪپ 2015ع جي فائنل جي مين آف دي ميچ آل رائونڊر جيمز فالڪنر کي ڊراپ ڪيو ويو آهي. آسٽريليا انگلينڊ ۾ ٿيندڙ ايونٽ لاءِ جيمز پيٽنسن، پيٽ ڪمنز، مچل اسٽارڪ ۽ جوش هيزل ووڊ تي ٻڌل تيز رفتار بالنگ اٽيڪ جو اعلان ڪيو آهي. مچل اسٽارڪ ڀارتي دوري دوران ساڄي پير ۾ فريڪچر سبب سيريز مان ٻاهر ٿي ويو هو پر آسٽريلين چيف سليڪٽر ٽريور هونز کي اعتماد آهي ته هو پهرين جون کان شروع ٿيندڙ ايونٽ تائين مڪمل طور فٽ ٿي ويندو. حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته اسڪواڊ ۾ آل رائونڊر جيمز فالڪنر کي شامل ناهي ڪيو ويو، جيڪو 2015ع جي عالمي ڪپ جي فائنل جو هيرو پڻ هو، جڏهن ته انجريءَ جو شڪار ڪرن لِن کي اسڪواڊ ۾ جاءِ ڏني وئي آهي، جيتوڻيڪ ايندڙ ٻن مهينن تائين سندس ڪرڪيٽ کيڏڻ جو امڪان ناهي. اسڪواڊ ۾ آل رائونڊر مارڪس اسٽوئنس ۽ جان هيسٽنگز کي به شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اڪيلو اسپيشلسٽ اسپنر ايڊم زمپا آسٽريلوي ٽيم جو حصو آهي. چيمپيئنز ٽرافي لاءِ اعلانيل 15 رڪني آسٽريلوي اسڪواڊ ۾ اسٽيون سمٿ (ڪپتان)، ڊيوڊ وارنر، ايرون فنچ، ڪوئسز هينريڪس، ڪرس لِن، گلين ميڪسويل، ميٿيو ويڊ، ٽريوس هيڊ، مارڪس اسٽوئنس، پيٽ ڪمنز، جان هيسٽنگز، جيمز پيٽنسن، مچل اسٽارڪ، ايڊم زمپا ۽ جوش هيزل ووڊ شامل آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

هانگ ڪانگ ايشيا فٽ بال: ليور پول ليسٽر سٽي کي شڪست ڏئي ٽرافي تي قبضو ڄمائي ورتو

هانگ ڪانگ(اسپورٽس نيوز) هانگ ڪانگ ۾ سجايو ويو ايشيا فٽ بال ٽرافي جو ميلو، جنهن …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي