28 جمعو , اپريل 2017
نڪور خبرون

نوجوانن لاءِ رول ماڊل بڻجڻ چاهيان ٿو: يونس خان

y khanجميڪا (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو بجربي ڪار بيٽسمين يونس خان ويسٽ انڊيز خلاف ٽيسٽ سيريز کانپوءِ رٽائر ٿي ويندو پر ان کان اڳ هو اهڙو اعزاز پنهنجي نالي ڪندو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين ڪو به پاڪستاني بيٽسمين پنهنجي نالي ناهي ڪري سگهيو. يونس خان 9 هزار 977 رنسون ٺاهي پاڪستان طرفان سڀ کان ڪامياب ٽيسٽ بيٽسمين آهي، کيس 10 هزار رنسون مڪمل ڪرڻ لاءِ رڳو 23 رنسن جي ضرورت آهي. پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ اڄ کان جميڪا ۾ شروع ٿيندي، جنهن ۾ امڪاني طور يونس خان اهڙو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ويندو. 2000ع ۾ سريلنڪا خلاف ڊيبيو ڪندڙ يونس خان ڪيترن ئي موقعن تي بهترين ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندي ٽيم کي ڏکي صورتحال مان ڪڍيو ۽ 34 مان رڪارڊ 5 سينچريون نه هن ٽيسٽ ميچ جي چوٿين اننگ ۾ ٺاهيون آهن. يونس خان چاهي ٿو ته کيس نوجوان هڪ رول ماڊل طور ياد ڪن. سندس چوڻ هو ته جڏهن مان رٽائر ٿيان ۽ ڊريسنگ روم جو حصو نه هجان ته نوجوان رانديگر مون کي رول ماڊل طور ياد رکن. مان چاهيان ٿو ته مون کي اهڙي بيٽسمين طور ياد رکيو وڃي، جنهن سدائين پنهنجي ملڪ لاءِ کيڏيو. خيبرپختونخواهه جي علائقي مردان سان تعلق رکندڙ يونس خان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪراچي کان ڪئي ۽ 2000ع ۾ راولپنڊي جي گرائونڊ تي کيڏيل پنهنجي پهرين ئي ٽيسٽ ميچ ۾ سريلنڪا خلاف شاندار سينچري اسڪور ڪئي. يونس خان جي ڪيريئر ۾ لاها چاڙها ضرور آيا پر هو هڪ ٽرپل سينچري ۽ ٻن ڊبل سينچرين جي مدد سان مجموعي طور 34هين ٽيسٽ سينچريون اسڪور ڪري چڪو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

00

ڀارت جو اڪواش کانپوءِ پاڪستاني پهلوانن سان به ماٽيلي ماءُ وارو رويو

لاهور(اسپورٽس نيوز) ڀارت اسڪواش کانپوءِ پاڪستاني پهلوانن سان به ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ شروع ڪري …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي