27 خميس , جولاءِ 2017

مصباح الحق جو آخري امتحان شروع

Misbahجميڪا (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي جمعي کان جميڪا ۾ شروع ٿي رهي آهي، جنهن لاءِ ٻنهي ٽيمن طرفان سخت تياريون ڪيون ويون آهن. قومي ٽيم مصباح الحق جي اڳواڻي ۾ ويسٽ انڊيز ۾ موجود آهي، جيڪا سڀاڻي جمعي کان ميزبان ٽيم خلاف ٽيسٽ سيريز جي شروعات ڪندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سڀاڻي کان شروع ٿيندڙ پهرين ٽيسٽ ميچ 25 اپريل تائين ڪنگسٽن، جميڪا ۾ کيڏي ويندي.  راند جي شروعات پاڪستاني وقت موجب رات اٺين وڳي ٿيندي. اها قومي ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق جي آخري سيريز هوندي، جيڪو ويسٽ انڊيز خلاف سيريز کانپوءِ رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري چڪو آهي. ان حوالي سان مصباح الحق جو چوڻ هو ته ويسٽ انڊين ٽيم پنهنجي سرزمين تي خطرناڪ ثابت ٿيندي پر اسان ڪاميابي لاءِ هر ڪوشش ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته مان پنهنجي آخري سيريز کي يادگار بڻائڻ چاهيان ٿو. پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ 30 اپريل کان 4 مئي تائين برج ٽائون، بارباڊوس، جڏهن ته ٽين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 10 کان 14 مئي تائين ڊومنيڪا ۾ کيڏي ويندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي سي بي جو نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي تي هڪ ارب فنڊز خرچ ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي جي آرائش ۽ مرمت تي هڪ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي