18 سومر , ڊسمبر 2017

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي احتجاج جي حمايت ڪنداسين: مصطفيٰ ڪمال

03ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪ سرزمين پارٽي جي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ڪراچي جي مسئلن لاءِ احتجاج ڪرڻ واري هر جماعت سان گڏ بيهنداسين، پوءِ اها جماعت اسان جي مخالف ئي ڇو نه هجي هن چيو ته ان لاءِ 23 اپريل تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي احتجاج جي به حمايت ڪنداسين. ڪراچي پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ احتجاج جو 15 هون ڏينهن آهي ۽ پهريون مرحلو ڪاميابي سان گڏ پورو ڪري ورتو آهي جنهن دوران مان پنهنجو واضح پيغام عوام تائين پهچائي ڇڏيو آهي، ان صحافين کي ٻڌايو ته مان ٻئي مرحلي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن دوران پاڪ سرزمين پارٽي جو هڪ هڪ ڪارڪن هر گهر وڃي منهنجو پيغام پهچائيندو جنهن کانپوءِ 10 لک ماڻهو وٺي روڊن تي نڪرنداسين ۽ محلن تائين مارچ ڪنداسين. مصطفيٰ ڪمال هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو موقف ورجائيندي چيو ته 10 لک ماڻهو منهنجي ٻڌايل جڳهه تي نڪرندا ته اڌ ڪلاڪ ۾ مسئلا حل ٿي ويندا ۽ جيڪڏهن مسئلا حل نه ٿيا ته پيپلز پارٽي کي حڪومت ڪرڻ محال ٿي ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بلوچستان مان دهشتگردي ختم ڪري دم پٽينداسين: گورنر اچڪزئي

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي گورنر محمد خان اچڪزئي چيو آهي ته صوبي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے