21 منگل , نومبر 2017

جي آءِ ٽي ۾ ڪم ڪندڙ هر شخص وزيراعظم جي ماتحت آهي: طاهرالقادري

Qadri اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهرالقادري چيو آهي ته جي آءِ ٽي جي شرمناڪ تاريخ پاڪستاني عوام جي سامهون آهي، ان ۾ ڪم ڪندڙ هر شخص وزيراعظم نواز شريف جي ماتحت آهي، نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي طاهرالقادري چيو ته ماڊل ٽائون ۽ ڪوئيٽا جي قتل عام تي به جي آءِ ٽيز بڻيون هيون، وزيراعظم جي ماتحتن جي جي آءِ ٽي هئڻ جو مطلب آهي ته انهن کي طهارت جو سرٽيفڪيٽ ڏنو وڃي، پاڪستان ۾ رياست جو وجود ناهي، هي ظلم ۽ طاقت جو راڄ آهي، عوام جيستائين پاڻ اٿي نه بيهندو تيستائين ڪجهه نه ملندو، عوام ڪرپشن، بدديانتي ۽ ننڍن ننڍن مفادن تي سمجهوتو ڪري چڪو آهي، سندس چوڻ هو ته ڌرڻو مون هنيو هيو، عمران خان تيار نه هيو، ان کي مون جوائن ڪرايو هيو، اسان جي ڌرڻي ۾ عوام نه بلڪه اسان جا پنهنجا ئي ڪارڪن هيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ومبلڊن چيمپيئن جانا نووٽنا حياتيءَ جي جنگ هارائي وئي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) جمهوريا چيڪ جي ٽينس رانديگرياڻي جانا نووٽنا ڊگهو عرصو ڪينسر جي مرض …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے