27 ڇنڇر , مئي 2017

آصف زرداري عدالتي فيصلي خلاف ڳالهائڻ تي معافي گهري: سعد رفيق

Saad Rafiqاسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نواز ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته اسان جا ووٽرز سڀاڻي شڪراني جا نفل ادا ڪندا، سپريم ڪورٽ تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اسان کي به مخالفن کي جواب ڏيڻو پيو، وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو ته عمران خان، شيخ رشيد ۽ ٻيا پٽيشنر ڏوهاري آهن، عدالت عمران خان جي استدعا رد ڪري ڇڏي، عمران خان مني لانڊرنگ جو ڪو ثبوت نه ڏنو، پاناما پيپرز جي ڪا قانوني حيثيت ناهي، وزيراعظم پاڻ کي ۽ پنهنجي خاندان کي عدالت سامهون پيش ڪيو، هن چيو ته عمران خان ست مطالبا ڪيا، سمورا رد ٿيا، ڌرين عدالتي فيصلي جو احترام ڪرڻ جو چيو هو، هاڻي وقت آهي، سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪرڻ جا سڀ پابند آهن، هن چيو ته عدالتي فيصلي تي عمل ڪيو ويندو، عدالتي فيصلي جي مخالفت ڪرڻ وارن توهين عدالت ڪئي، سعد رفيق چيو ته زرداري صاحب اوهان عزير بلوچ بابت سوالن جو جواب ڏيو، ڪراچي ڪچري جو ڍير، سنڌ جا ٻيا شهر کنڊر بڻجي چڪا آهن، اوهان شيشي جي گهرن ۾ ويٺا آهيو، خواجا سعد رفيق چيو ته عدالتن جي فيصلن کي نه مڃيو ويو ته ملڪ جهنگ بڻجي ويندو، آصف زرداري عدالتي فيصلي خلاف ڳالهائڻ تي معافي گهري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Mariyam Orangzeb

اڄ سمورا صوبا شهباز شريف کي اوڌر تي وٺڻ جي درخواست پيا ڪن: مريم اورنگزيب

مري(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته دهشتگردي جي واقعن …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي