28 جمعو , اپريل 2017
نڪور خبرون

عمران خان کي پنهنجي شاگردي ۾ وٺڻ لاءِ تيار آهيان: راڻا ثناءُ الله

Rana Sanaلاهور (ويب ڊيسڪ): پنجاب جي قانون واري وزير راڻا چيو آهي ته پاناما ڪيس جو فيصلو اچڻ بعد ڌرڻا سياست جو جنازو نڪري ويو آهي، عمران خان کي پنهنجي شاگردي ۾ وٺڻ لاءِ تيار آهيان، نجي ٽي وي سان ڳالهائين راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي ڪوڙ ۽ سچ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، اڄ جي فيصلي بعد عمران خان سميت ڌرڻا سياست جو جنازو نڪري ويو آهي، هن عمران خان کي سياست کان توبهه ڪرڻ جو مشورو ڏنو ۽ ان سان گڏوگڏ پنهنجي شاگردي ۾ وٺڻ جي آفر به ڪري ڇڏي، راڻا ثناءُ الله چيو ته عرمان خان جي سياسي تربيت پوري ناهي ٿي، جيڪڏهن کيس ڪنهن سياسي تربيت جي ضرورت آهي ته ان کي پنهنجي شاگردي ۾ وٺي سياسي تربيت ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Shehbaz sharif

”هڪ چالاڪ، ٻيو ڪوڙو“ شهباز شريف جي آصف زرداري ۽ عمران خان تي ڇتي تنقيد

لاهور (ويب ڊيسڪ): پنجاب جي وڏي وزير ايوان اقبال ۾ ليپ ٽاپ جي ورهاست واري …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي