23 ڇنڇر , سيپٽمبر 2017

اخلاقي طور فيصلو وزيراعظم جي خلاف ئي آيو آهي: خورشيد شاهه

Khurshed shah

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اخلاقي طور فيصلو وزيراعظم جي خلاف ئي آيو آهي. هن چيو ته منهنجي نظر ۾ فيصلو تمام واضح آهي، سندس چوڻ هو ته ٽي جج پنهنجي ٻن سينيئر ساٿين کان انڪاري ناهن ٿيا بس جي آءِ ٽي جو چيو آهي، مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته ٻن ججن واضح چيو ته نواز شريف کي نااهل قرار ڏنو وڃي. هن چيو ته وزيراعظم نواز شريف کي اخلاقي طور استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، سندس چوڻ هو ته سياست ۾ ڪو آخري دوست يا آخري دشمن ناهي هوندو، مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته سڀاڻي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ مخالف جماعتن جو گڏيل اجلاس گهرايو ويو آهي سندس چوڻ هو ته اجلاس ۾ ايندڙ صورتحال بابت لائحه عمل جوڙيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف کي سياست مان بي دخل ڪرڻ جي سازش ٻيهر ناڪام ٿي وئي: سعد رفيق

لاهور (ويب ڊيسڪ): وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته نواز شريف کي سياست …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي