27 خميس , جولاءِ 2017

ڪرنل (ر) حبيب ظيهر جو فون ڀارت جي سرحد ويجهو بند ٿيو: سرتاج عزيز

Sartaj azizاسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته ليفٽيننٽ ڪرنل (ر) حبيب ظاهر جو نيپال پهچڻ تائين ان جي خاندان سان رابطو هيو ۽ ان جو فون ڀارت جي سرحد کان 6 ڪلوميٽر پري بند ٿيو، سينيٽ اجلاس ۾ جماعت اسلامي امير سينيٽر سراج الحق سوال ڪيو ته ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آزادي جي حوالي سان حڪومت ڪهڙا قدم کنيا آهن، جنهن تي پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز جو چوڻ هو ته پاڪستان حڪومت جي ڪوشش آهي ته آمريڪا سان قيدين جي مٽا سٽا جو معاهدو ٿي وڃي پر آمريڪا ان نڪتي تي راضي نه ٿي رهيو آهي، هن ٻڌايو ته وزيراعظم نواز شريف اڳوڻي آمريڪي صدر بارڪ اوباما کي ڊاڪٽر عافيه صديقي لاءِ رحم جي اپيل جي حوالي سان خط به لکيو هو، جڏهن ته عافيه صديقي تائين پاڪستان کي قونصلر رسائي ڏني پئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران خان هيروئن استعمال نه ٿو ڪري ته طبي چڪاس ڪرائي: حنيف عباسي

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ حنيف عباسي چيو آهي ته عمران …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي