28 اربع , جون 2017

ڀارت ۾ اهم شخصيتن جي گاڏين تي هوٽرز لڳائڻ تي پابندي

Hootersنئين دهلي (ويب ڊيسڪ): ڀارتي حڪومت صدر، وزيراعظم ۽ وڏي وزير سميت وي آءِ پي شخصيتن جي گاڏين تي ڳاڙهيون بتيون لڳائڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي، جيڪا پهرين مئي کان لاڳو هوندي، ڳاڙهين بتين يا هوٽرز تي پابندي جو فيصلو ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪيو ويو، پهرين مئي کان وي آءِ پي شخصيتن جي گاڏين تي ڳاڙهي بتي تي پابندي هوندي، ان پابندي جي وڪڙ ۾ وزيراعظم نريندر مودي، صدر پرناب مکرجي جون گاڏيون به اينديون، رڳو ايمرجنسي ۽ انفورسمينٽ ايجنسيز جي گاڏين تي ئي ڳاڙهيون بتيون لڳائڻ جي اجازت هوندي، عملدارن موجب انهن ڳاڙهين بتين جو ڪيترين جڳهن تي غلط استعمال ڪيو پئي ويو، ڀارتي حڪومت جي وي آءِ پي ڪلچر ختم ڪرڻ جي ڪوشش جاري رهندي، ٽرانسپورٽ واري وزير نتن گدڪاري جو چوڻ آهي ته وزيراعظم سميت سمورن وزيرن يج گاڏين تان ڳاڙهيون بتيون پهرين مئي کان هٽايون وينديون، جڏهن ته هڪ وڌيڪ نئين حڪم نامي موجب ڀارتي صدر، نائب صدر، چيف جسٽس ۽ اسپيڪر لوڪ سڀا تي ها پابندي لاڳو نه ٿيندي، عام آدمي پارٽي جي وزيرن سڀ کان پهرين ڳاڙهين بتين جو استعمال بند ڪيو، ٻئي نمبر تي پنجاب ۽ پوءِ اتر پرديش جي رياستي حڪومتن ڳاڙها هوٽرز هٽايا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب سميت مختلف ملڪن ۾ عيد ملهائي پئي وڃي

رياض( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عيد الفطر …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي